بريڪنگ نيوز

پاڪستان

اسرائيل جو ايران تي حملو خطي جي اڳ ئي غير مستحڪم حالتن کي وڌيڪ نقصان رسائيندو: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) وزيراعظم شهباز شريف ايران تي اسرائيلي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته هي حملو خطي جي امن لاءِ سنگين خطرو آهي.وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسرائيلي حملي سبب ٿيندڙ نقصانن تي هو ايراني عوام سان دلي همدردي جو اظهار ڪري ٿو، …

تفصيل »

عمران خان سياستدانن بدران رڳو فوج سان ڳالهائڻ چاهي ٿو: بلاول

برسلز / لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) پ پ چيئرمين، پاڪستان جي پارلياماني وفد جي سربراهه ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي بابت ڀارت پاران هڪ طرفي طور تي ڪيل فيصلا عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن، اسان ڀارت سان ڳالهيون ڪري ڪشمير، دهشتگردي ۽ پاڻي …

تفصيل »

ايران خلاف اسرائيل جي جارحيت عالمي امن لاءِ سنگين خطرو آهي، عالمي برادري نوٽيس وٺي: احسن اقبال

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ايران خلاف اسرائيلي اڳرائيءَ جي مذمت ڪندي عالمي برادريءَ کان ان سرڪشيءَ جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪالهه پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سينٽر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته قومي اسيمبليءَ …

تفصيل »

وزيراعظم يو اي اي جي دوري تي پهچي ويو، اڳواڻن سان ملاقاتون

ابوظهبي(مانيٽرنگ ڊيسڪِ) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي فرمانروا شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ابوظهبي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي جي البطين هوائي اڏي …

تفصيل »

يورپي يونين ڀارت تي سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي کانپوءِ پاسو ڪرڻ لاءِ زور ڀري: بلاول ڀٽو زرداري

برسلز (مانيٽرنگ ڊيسڪِ)اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته يورپي يونين ڀارت تي سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ تي زور ڀري. پاڪستان امن جو خواهشمند آهي ۽ ڪشمير سميت سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو حامي آهي. ڪالهه سفارتخاني …

تفصيل »

وفاقي بجيٽ 26 پاڪستان جي ترقيءَ جي نَون راهن تي گامزن ڪرڻ جو عملي خاڪو آهي: احسن اقبال

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته وفاقي بجيٽ 26-2025ع پاڪستان جي معيشت کي بحران مان ڪڍي استحڪام ۽ ترقيءَ جي نَون راهن تي گامزن ڪرڻ جو عملي خاڪو آهي. ڪالهه پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو …

تفصيل »

هر شيءِ قرض کڻي ڏئي رهيا آهيون، مالي گنجائش موجب ئي رليف ڏئي سگهون ٿا: محمد اورنگزيب

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڪوشش هئي ته پگهاردار طبقي کي جيترو ممڪن ٿي سگهي رليف ڏيون، ننڍن هارين کي آسان شرطن تي قرض ڏينداسين.پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ٽيرف اصلاحات سان برآمدات ۾ اضافو ٿيندو. گڏيل طور …

تفصيل »

اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي سيڙپڪارن جي عوام دوست بجيٽ تي اعتماد جو اظهار آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) وزيراعظم محمد شهباز شريف مئي 2025ع دوران مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو پاڪستان حڪومت جي معاشي پاليسين تي سمنڊ پار پاڪستانين جي وڌندڙ اعتماد جو ثبوت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران …

تفصيل »

ڀارت کي احساس ٿيندو، سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ وارو فيصلو ۽ اعلان واپس وٺندو: بلاول

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين ۽ پاڪستاني سفارتي وفد جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت، آمريڪي صدر صدر ٽرمپ جي امن ڪوششن کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو، امن لاءِ ڀارت کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ سڄي دنيا جي مفاد ۾ هوندو، ڪشمير مسئلو، …

تفصيل »

ڀارت من گهڙت بيانئي سان پاڻ کي مظلوم ظاهر عالمي برادري کي گمراهه ڪري رهيو آهي: پاڪستان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪِ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان ڀارتي پرڏيهي وزير جي پاڪستان مخالف بيان کي مڪمل طور رد ڪندي ياد ڏياريو آهي ته ڀارت کي ٻين تي الزام هڻڻ بدران پنهنجي دهشتگردي، شرپسندي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ تي غور ڪرڻ گهرجي. شفقت علي خان چيو آهي ته …

تفصيل »