اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف آبادگارن کي بنا رُڪاوٽ ۽ آسان شرطن تي مالي وسيلن تائين پهچ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بينڪ ۽ مالياتي ادارا آبادگارن، ايس ايم ايز ۽ هائوسنگ شعبي کي قرضن جي فراهمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان مُوجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايڪسيس ٽو فنانس پلان 28-2026ع جي حوالي سان هڪ اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم، زراعت ۽ ايس ايم ايز شعبن جي ترقي لاءِ فنانسنگ تي اڳڀرائي جي حوالي سان جاري قدمن جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بينڪ ۽ مالي ادارا آبادگارن، ايس ايم ايز ۽ هائوسنگ شعبي کي قرضن جي فراهمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جيڪي بئنڪُون قرضن جي فراهمي ۾ ڀرپُور ڪردار ادا ڪنديُون حڪومت انهن جي حوصلا افزائي ڪندي. هن چيو ته زرعي شعبو ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي فروغ لاءِ ڪم ڪرڻ قومي ذميواري آهي. وزيراعظم آبادگارن کي بنا ڪنهن رڪاوٽ ۽ آسان شرطن تي مالي وسيلن تائين پهچ يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته گهٽ آمدني وارن ۽ وچولي طبقي جي لاءِ سستن گهرن جي فراهمي اسان جي ترجيح آهي، صوبائي چيف سيڪريٽريز اهڙين ملڪيتن جي جامع سروي ڪرائين جن لاءِ بينڪون پنهنجي گهر جي خواهشمند ماڻهن "وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم” تحت قرض فراهم ڪري سگهن. اجلاس ۾ هائوسنگ، زراعت ۽ ايس ايم ايز شعبن جي فنانسنگ جي حوالي سان کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم تحت هيستائين 147,504 درخواستون مليُون، جن مان 53,127 منظور ٿي چُڪيُون آهن. ان اسڪيم تحت منظور ٿيل درخواستن جي ڪل ماليت 313.42 ارب رپيا آهي، جڏهن ته 8,739 درخواست ڏيندڙن کي 45.43 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ گروي جي شرطن کي پورو ڪندڙ پلاٽن جي نشاندهي لاءِ نظام تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن جو پائلٽ اسلام آباد مان هوندو. پنهنجو گهر اسڪيم کي وڌيڪ جامع بڻائڻ لاءِ مشهُور هائوس ڊولپرز کي هن عمل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ هڪ مؤثر طريقو جوڙيو ويندو. زرعي شعبي جي لاءِ بينڪن طرفان قرضن جو ماپو آگسٽ 2026ع ۾ 1.268 ٽريلين رپيا رهيو، جڏهن ته ايڪسيس ٽو فنانس پلان 2028-2026ع تحت جون 2028ع تائين 2 ٽريلين رپين جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. زرخيز-اي ايپ ذريعي آسان قرضن لاءِ 35,838 درخواستون مليُون، جن لاءِ 7.35 ارب رپيا منظور ٿا، جن مان 1.96 ارب رپين جا قرض جاري ٿي چُڪا آهن. آگسٽ 2026ع تائين بينڪن طرفان ايس ايم اي شعبي کي قرضن جو ماپو 1.067 ٽريلين رپيا رهيو، جڏهن ته ايڪسيس ٽو فنانس پلان 2028-2026ع تحت جون 2028ع تائين انهن قرضن جو هدف 2 ٽريلين رپيا رکيو ويو آهي. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته ايس ايم اي ڊي اي ( سميڊا) گذريل ٽن مهينن ۾ 1096 ايس ايم ايز کي مالي خواندگي ۾ تربيت ڏني. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير احد خان چيما، راڻا تنوير حسين، محمد اورنگزيب، رياض حسين پيرزاده، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان، گورنر اسٽيٽ بينڪ جميل احمد، چئني صوبن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽريز، آئي بي آر ڊي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما امگابزر، پاڪستاني بينڪن جي صدرن ۽ سي اي اوز ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.
DailyWaka Sindhi News Papers