بريڪنگ نيوز

حڪمراني نظام کي ناڪام سمجهو ٿا ته پارليامينٽ ۾ اچي بحث ڪريو: بلاول ڀٽو

لنڊن (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي چئلينج ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن هو پاڪستان جي سياسي ۽ حڪمراني واري نظام کي ”مڪمل طور ناڪام“ سمجهي ٿو ته ان معاملي کي پارليامينٽ ۾ آڻي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جي نظام جي خامين ۽ ناڪامين تي بحث لاءِ مناسب فورم ڪاروباري گڏجاڻيون نه، پر پاڪستان جي پارليامينٽ آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي قسمت ڪجهه ڪاروباري ماڻهن جي هٿن ۾ نٿي ڇڏي سگهجي. بلاول ڀٽو زرداري محسن نقوي جِي قومي اسيمبليءَ ۾ حاضري تي پڻ سوال اُٿاريندي چيو ته گهرو وزير اسيمبلي ۾ گهٽ اچي ٿو ، تنهنڪري کيس ڪاروباري فورمن بدران پارليامينٽ ۾ اچي ان معاملي تي بحث ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هو پاڻ به ڪنهن وفاقي وزير يا حڪومتي نمائندي سان پارليامينٽ جي فلور تي ان معاملي تي بحث لاءِ تيار آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۽ انڊونيشيا پاران وچ اوڀر ۾ وڌندڙ بحران تي گهري ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ اوڀر ۾ وڌندڙ بحران تي گهري ڳڻتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے