Home / دنيا / سعودي عرب، ساڍا پنج لک حج درخواستون وصول، آن لائن رجسٽريشن مڪمل

سعودي عرب، ساڍا پنج لک حج درخواستون وصول، آن لائن رجسٽريشن مڪمل

رياض (مانِترنگ ڊيسڪ) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت هن سال حج جو فرض ادا ڪندڙن جي آن لائن رجسٽريشن جو عمل ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ٻڌيو ته هن ڀيري 558270 ماڻهن حج لاءِ درخواستون وزارت جي پورٽل تي جمع ڪرايون آهن ۽ هاڻي انهن جي جاچ ڪئي ويندي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي وزارت هڪ بيان ۾ چيو ته حج لاءِ رجسٽريشن جي ٻئي مرحلي جي شروعات جمعي کان ٿي وئي آهي هن ٻڌايو ته حج جي سمورن درخواست ڏيندڙن ۾ 59 سيڪڙو مرد ۽ 41 سيڪڙو عورتون آهن، انهن ۾ 3 سيڪڙو درخواست ڏيندڙن جي عمر 20 سال کان گهٽ آهي 26 سيڪڙو 21 کان 30 سالن جي وچ ۾ عمر جي گروپ سان تعلق رکن ٿا. 38 سيڪڙو 31 کان 40 سالن جي عمر جا آهن، حج ۽ عمري واري وزارت آن لائن ڊيٽا جي بنياد تي ٻڌايو ته 20 سيڪڙو درخواست ڏيندڙ 41 کان 50 سال جي عمر جي گروپ سان تعلق رکن ٿا 11 سيڪڙو 51 کان 60 ۽ رڳو 2 سيڪڙو 60 سالن کان وڌيڪ عمر جا آهن، وزارت هن ئي مهيني ڪرونا وائرس جي وبا سبب هن دفعي به رڳو سعودي عرب ۾ رهندڙ 60 هزار شهرين ۽ رهواسين کي حج جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ چيو هو ته سڄي دنيا کي ڪرونا وائرس جي وبا ۽ ان جي نئين شڪلين جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ جنهن قسم جي حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ان سبب حج جي رجسٽريشن صرف سعودي عرب ۾ رهندر شهرين ۽ رهواسين تائين ئي محدود هوندي وزارت وضاحت ڪئي ته 18 کان 65 سالن جي عمر تائين مڪمل ويڪسين لڳرائيندڙ ماڻهو يا جن آن لائن رجسٽريشن کان گهٽ کان گهٽ 14 ڏينهن اڳ ويڪسين جي انجيڪشن ڪرائي ورتي آهي يا جيڪي ماڻهو ويڪسين جون ٻئي خوراڪون هڻائي چڪا آهن ۽ ڪووڊ-19 جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ تندرست ٿي چڪا آهن کين حج لاءِ پنهنجي نالن جي رجسٽريشن جي اجازت هوندي.

بابت admin

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔