اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته خطي ۾ تيزي سان بدلجندڙ صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان حڪومت ايران مان پاڪستاني شهرين جي انخلا کي آسان بڻائڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ مختلف جاين تي ڦاٿل پنهنجي شهرين جي مدد جي لاءِ وقت سر ۽ فعال قدم کنيا آهن. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستاني شهرين جي ايران مان انخلا ۽ خطي جي ٻين ملڪن ۾ موجود پاڪستانين جي سهولت لاءِ کنيل قدمن بابت ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ترجمان چيو ته پرڏيهي وزارت جو ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ 24 ڪلاڪ فعال آهي ۽ صورتحال جي مسلسل نگراني ڪندي پاڪستاني شهرين کي گهربل مدد فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ خصوصي سهُولت ڊيسڪ قائم ڪيُون ويُون آهن ته جيئن ڦاٿل پاڪستاني شهرين کي ويزا سهولت، لاجسٽڪس ۽ سفري انتظامن ۾ مدد ڪري سگهجي. ترجمان چيو ته ان کانسواءِ مشنز خصوصي موبائيل ايپليڪيشنز، رجسٽريشن پورٽلز ۽ هيلپ لائينز پڻ متعارف ڪرايون آهن ته جيئن پاڪستاني شهرين تائين وقت سر پهچ ۽ مدد ممڪن بڻائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جا سفارتي مشنز ميزبان حڪومتن سان ويجهي رابطي ۾ آهن ته جيئن پاڪستاني ڪميونٽي کي ضروري قونصلر سهولتون فراهم ڪري سگهجن. طاهر حسين اندرابي چيو ته فضائي رابطن جي جزوي بحالي کانپوءِ ٻاهرئين ملڪ ڦاٿل پاڪستاني شهري ڪمرشل اڏامن جي ذريعي پنهنجي لاڳاپيل منزلن طرف واپسي شروع ڪري چڪا آهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ٻاهرئين ملڪ ترسيل پاڪستانين جي ڀلائي جي تحفظ ۽ انهن جي محفوظ ۽ وقت سر واپسي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي.
DailyWaka Sindhi News Papers