اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ اوڀر ۾ وڌندڙ بحران تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي سمورين ڌرين تي وڌ کان وڌ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۾ وڌندڙ بحران تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ايران تي اسرائيل جي حملن سان گڏوگڏ ٻين ڀائر نار ملڪن تي بعد ۾ ٿيندڙ افسوسناڪ حملن جي شديد مذمت ڪئي. هن انڊونيشيا جي صدر کي بحران جي ڏس ۾ سمورن نار ملڪن سان پاڪستان جي سفارتي رابطي جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سمورين ڌرين تي وڌ کان وڌ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن ته سمورن معاملن کي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ مخلصاڻي ۽ سنجيده قدمن تي زور ڏنو. ٽيليفون ڪال دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو کي افغانستان جي حوالي سان تازي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ايندڙ ڏينهن ۾ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.
DailyWaka Sindhi News Papers