بريڪنگ نيوز

ون ڊي رينڪنگ ۾ ڀارت پهرين ۽ پاڪستان ٻئي نمبر تي اچي ويو

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي عالمي رينڪنگ ۾ ڀارت پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.ڀارت آسٽريليا خلاف پهرين ميچ کٽي آئي سي سي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان کان پهرين پوزيشن کسي ورتي آهي. ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان دوري جي ٽيم کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي دنيا جي نمبر ون ٽيم بڻجي وئي.آءِ سي سي رينڪنگ ۾ ڀارتي ٽيم جا پوائنٽس 116 ٿي ويا آهن جڏهن ته ٻئي نمبر تي موجود پاڪستاني ٽيم جي پوائنٽس جو انگ 115 آهي.آسٽريليا 111 پوائنٽن سان ٽئين ۽ ڏکڻ آفريڪا 106 پوائنٽس سان چوٿين نمبر تي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي عالمي ڪپ لاءِ ٽيم مئنيجمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عالمي ڪپ لاءِ قومي ٽيم مئنيجمينٽ جو اعلان ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے