بريڪنگ نيوز

پي سي بي عالمي ڪپ لاءِ ٽيم مئنيجمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عالمي ڪپ لاءِ قومي ٽيم مئنيجمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي مئنيجر طور ريحان الحق فرض انجام ڏيندو. ٽيم ڊائريڪٽر مڪي آرٿر، هيڊ ڪوچ براڊ برن، بيٽنگ ڪوچ اينڊريو پيوٽِڪ ۽ مورني مورڪل بالنگ ڪوچ هوندو. آفتاب خان فيلڊنگ ڪوچ، عبدالرحمان اسسٽنٽ ڪوچ، ڊاڪٽر سهيل سليم ٽيم ڊاڪٽر هوندو. ڊريڪس سائمن سٽرينگٿ اينڊ ڪنڊيشنگ ڪوچ، ڪلف ڊيڪن فزيو ٿراپسٽ جا فرض انجام ڏيندو. ورلڊ ڪپ ۾ احسن افتخار ناگي قومي ٽيم جو ميڊيا مئنيجر هوندو، عثمان انوري سيڪيورٽي مئنيجر، مقبول بابري سائيڪولوجسٽ، طلحا اعجاز اينالسٽ ۽ ملنگ علي مساجر جا فرض انجام ڏيندو.

بابت admin

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے