نڪور خبرون
Home / سنڌ / ڪراچي جي اسپتال ۾ وينٽي ليٽر کي لڳ تازو ڄاول ٻارڙو کان حياتي کسي ورتي

ڪراچي جي اسپتال ۾ وينٽي ليٽر کي لڳ تازو ڄاول ٻارڙو کان حياتي کسي ورتي

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)ڪراچي جي اين آءِ سي ايڇ جي آءِ سي يو ۾ باهه لڳڻ سبب تازو ڄاول ٻارڙو حياتي وڃائي ويٺو.اين آءِ سي ايڇ جي آءِ سي يو ۾ باهه لڳڻ سبب ٻارڙو وينٽي ليٽر سميت سڙي فوت ٿي ويو. اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته باهه هڪ وينٽي ليٽر کي لڳي، جنهن سبب تازو ڄاول ٻارڙو فوت ٿي ويو، باهه لڳڻ جو سبب معلوم ڪري رهيا آهيون. هن کان اڳ اين آءِ سي وي ڊي جي آپريشن ٿيٽر ۾ باهه لڳي چڪي آهي، جناح اسپتال جي گائني وارڊ ۾ قائم ٻارن جي نرسري ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ باهه لڳي هئي.ڊائريڪٽر اين آءِ سي ايڇ جمال رضا چيو آهي ته باهه لڳڻ قدرتي حادثو هو، ٻار جي والدين سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.ڊائريڪٽر اين آءِ سي ايڇ جمال رضا چيو آهي ته باهه لڳڻ جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے