بريڪنگ نيوز

وزيراعظم سان حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد جي اهم ملاقات

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي۔ وفد ۾ لياقت بلوچ، ميان محمد اسلم ۽ آصف لقمان قاضي شامل هئا۔امير جماعت اسلامي کي افغانستان، ايران ۽ وچ اوڀر سميت خليجي ملڪن جي موجوده حالتن بابت ان-ڪيمرا بريفنگ ڏني وئي۔ وفد کي پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۽ قدمن بابت اعتماد ۾ ورتو ويو۔وفد کي ايران ۽ خليجي ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانن پاران پاڪستانين جي سهولت لاءِ ڪيل قدمن بابت پڻ آگاهي ڏني وئي۔ ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، احسن اقبال، عطاءُ الله تارڙ، رانا مبشر اقبال، وزيراعظم جو صلاحڪار رانا ثناءُ الله ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري پڻ شريڪ هئا۔

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسلام آباد بلدياتي چونڊن ۾ دير: اليڪشن ڪميشن وفاقي گهرو وزير کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني ۾ بلدياتي چونڊن ۾ دير جي معاملي تي اليڪشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے