بريڪنگ نيوز

سنڌ ۾ ۾ سي اين جي/اي پي جي ڪٽس تي پابندي، فٽنيس ۽ روٽ پرمٽ لازمي قرار

ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گذريل ٻن ٽن سالن دوران ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ نمايان بهتريءَ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، جن جو مقصد شهرين کي محفوظ، بهتر ۽ جديد سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ننڍين ويگنن ۽ وينز بابت سنڌ حڪومت اهم قدم کنيا آهن، جن ۾ سڀ کان پهرين انهن گاڏين ۾ سي اين جي ۽ ايپل پي جي ڪٽس جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي ته جيئن امڪاني حادثن کان بچي سگهجي. هن چيو ته اهي گاڏيون نه صرف بين الاضلاعي ۽ اندرون شهر سفر لاءِ استعمال ٿين ٿيون بلڪه اسڪول ويندڙ ٻارن جي اچ وڃ لاءِ به استعمال ڪيون وينديون آهن، ان ڪري انهن جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت سمورن لاڳاپيل گاڏين لاءِ فٽنيس سرٽيفڪيٽ لازمي قرار ڏنو آهي جڏهن ته ڊجيٽلائيزڊ فٽنيس سرٽيفڪيٽ ۽ روٽ پرمٽ نظام به متعارف ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ گاڏين جو رڪارڊ هٿ سان رکيو ويندو هو ۽ روٽ پرمٽ سميت ٻين دستاويزن جو مڪمل رڪارڊ موجود نه هوندو هو، تنهن هوندي به گذريل هڪ سال دوران پوري نظام کي ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ پاڪستان جو پهريون صوبو آهي جتي ٽرانسپورٽ فٽنيس ۽ روٽ پرمٽ جي نظام کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ وڏو ۽ انقلابي قدم آهي. سينئر وزير چيو ته حڪومت ٽرانسپورٽ قوانين تي عملدرآمد لاءِ سخت قدم کنيا آهن. اهڙيون گاڏيون جن جا ڪاغذ مڪمل نه هجن يا ڊرائيورن وٽ لائسنس موجود نه هجي، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته فٽنيس معيار تي پورو نه لهندڙ گاڏين کي تحويل ۾ ورتو ويندو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٿرڊ پارٽي لائبلٽي انشورنس جو نظام به شروع ڪيو آهي ته جيئن خدانخواسته حادثي جي صورت ۾ متاثرين کي وقت سر معاوضو فراهم ڪري سگهجي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته روڊن تي ٽريفڪ سيفٽي ۽ گاڏين جي چيڪنگ جو عمل مسلسل جاري آهي، خاص طور تي عيد ۽ ٻين ڏڻن جي موقعي تي سرپرائيز چيڪنگ ڪئي ويندي آهي. خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائيون ڪيون ويون آهن ۽ ڏنڊ به لڳايا ويا آهن. هن چيو ته فائر سيفٽي بابت به قدم کنيا ويا آهن ۽ لاڳاپيل گاڏين ۾ حفاظتي انتظامن کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ڪراچيءَ جي ٽريفڪ مسئلن جو ذڪر ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهر ۾ ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گھٽائڻ لاءِ انهن بسن جي روٽن ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي جيڪي اندرون شهر کان اچي تاج ڪمپليڪس، صدر ۽ ڪينٽ جي علائقن تائين وينديون هيون. مسافرن جي سهولت لاءِ مفت شٽل سروس شروع ڪئي وئي آهي جيڪا اڄ به جاري آهي. هن چيو ته شهري تاج ڪمپليڪس، ڪينٽ ۽ ٻين هنڌن تان ان شٽل سروس ذريعي بغير ڪنهن ڪرائي جي سفر ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته ڪراچيءَ کان ٻين شهرن لاءِ سفر ڪندڙ مسافر به ان سهولت مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. سينئر وزير چيو ته مفت شٽل سروس هڪ مهانگو انتظام آهي، تنهن هوندي به ڪراچيءَ جي شهرين ۽ پوري پاڪستان جي ماڻهن کي سنڌ حڪومت جي انهن قدمن جي تعريف ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهن جو مقصد عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. هن شهرين تي زور ڏنو ته ٽريفڪ نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ عوام کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. مسافرن کي گهرجي ته اهي نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪن، ذميواريءَ سان سفر ڪن ۽ ٽريفڪ قوانين جي پابندي ڪن ته جيئن روڊن رستن جي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿي سگهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ورلڊ بئنڪ فلڊ ايمرجنسي بحالي منصوبي جي ڪارڪردگي کي اطمينان جوڳي قرار ڏنو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عالمي بينڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے