ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عالمي بينڪ طرفان سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريهيبليٽيشن منصوبي جي ڪارڪردگي کي تسلي بخش قرار ڏيڻ سنڌ حڪومت جي موثر منصوبه بندي جو ثبوت آهي. پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته منصوبي جي تحت صوبي ۾ اهم انفراسٽرڪچر جي بحالي ذريعي 7.2 ملين کان وڌيڪ ماڻهن فائدو حاصل ڪيو. بحالي واري منصوبي مان فائدو حاصل ڪندڙ ماڻهن ۾ 3.4 ملين عورتون به شامل آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرين جي بحالي کي اولين ترجيح ڏني. محدود وسيلن جي باوجود شفافيت، رفتار ۽ موثر عملدرآمد کي يقيني بنايو. عالمي بينڪ طرفان اڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ڏيڻ انهي ڳالهه جي تصديق آهي ته سنڌ حڪومت بهتر رستي تي اڳيان وڌي رهي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جو منصوبو متاثر علائقن ۾ بنيادي سهوليتن جي بحالي جو سبب بڻجي ٿو. فلڊ ايمرجنسي ريهيبليٽيشن منصوبو معاشي ۽ سماجي استحڪام ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
DailyWaka Sindhi News Papers