واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واضح ڪيو آھي ته آمريڪا وينزويلا سان جنگ جي حالت ۾ نه آھي. جڏھن ته آمريڪا جون ڪارروائيون منشيات فروشن ۽ ڏوھه ڪندڙ عنصرن خلاف آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھڪ انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ چيو ته، ”نه، اسان وينزويلا سان جنگ ڪري رھيا آهيون ۽ نه جنگ جي حالت ۾ آهيون. اسان انھن ماڻھن خلاف جنگ ڪري رھيا آھيون جيڪي منشيات وڪرو ڪن ٿا ۽ جيڪي پنھنجي ملڪن جي جيلن، منشيات جي عادي ماڻھن ۽ ذھني مريضن کي اسان جي ملڪ اماڻي ڇڏيندا آھن. صدر ٽرمپ ان ڳالھه تي به زور ڀريو ته ايندڙ 30 ڏينھن دوران وينزويلا ۾ نيون چونڊون منعقد ٿيڻ ممڪن ناھن. سندس چوڻ ھو ته اسان کي پھرين ملڪ کي درست ڪرڻو پوندو. ان حالت ۾ چونڊون نه ٿيون ٿي سگھن ڇو ته عوام ووٽ ڏيڻ جي قابل ئي ناھي. ھن وڌيڪ چيو ته وينزويلا ۾ صورتحال جي بحالي ۾ وقت لڳندو ۽ آمريڪا کي ملڪ کي ”صحتمند حالت ۾ واپس آڻڻ“ لاءِ مرحليوار قدم کڻڻا پوندا. آمريڪي صدر جي ان بيان کانپوءِ وينزويلا جي صورتحال ۽ امڪاني سياسي اڳڀرائي بابت عالمي سطح تي ڳڻتي ۽ بحث جاري آھي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته وينزيلا ۾ ايندڙ 30 ڏينهن دوران ڪي به چونڊون نه ڪرايون وينديون ڇو ته ملڪ جي صورتحال ان لاءِ موزون ناهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن هڪ انٽرويو دوران چيو ته اسان کي پهريان ملڪ کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو. انهن حالتن ۾ چونڊون ممڪن ناهن. عوام ووٽ وجهڻ جي قابل ئي ناهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪي انتظاميه وينزويلا جي توانائي جي شعبي جي بحالي لاءِ آمريڪي تيل ڪمپنين کي سبسڊي فراهم ڪري سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته توانائي جي بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير 18 مهينن کان گهٽ عرصي ۾ مڪمل ڪري سگهجي ٿي، پر ان تي ڳري لاڳت ايندي. هن واضع ڪيو ته آمريڪا وينزويلا سان جنگ ۾ ناهي. صدر ٽرمپ مطابق “ اسان منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ انهن عنصرن خلاف ڪاروائي ڪري رهيا آهيون جيڪي ڏوهارين ۽ بدامني کي هٿي ڏئي رهيا آهن . اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ٻه ڏينهن اڳ وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو کي آمريڪي فوج گادي واري شهر ڪراڪس کان حراست ۾ ورتو هو. صدر ٽرمپ مطابق آمريڪي مداخلت جي نگراني پرڏيهي وزير مارڪو روبيو، دفاع وارو وزير پيٽ هيگسٿ، وائيٽ هائوس جو نائب چيف آف اسٽاف اسٽيفين ملر ۽ نائب صدر جي ڊي وينس ڪندا.
DailyWaka Sindhi News Papers