بريڪنگ نيوز

وينزويلا ۾ تازي اڳڀرائي تي گهري ڳڻتي جو اظهار، امن جي لاءِ خطرو آهن: پاڪستان

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)   پاڪستان وينزويلا ۾ هڪ طرفي فوجي ڪارروائين کي عالمي امن جي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وينزويلا جي صورتحال تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جو هنگامي اجلاس منعد ٿيو جنهن ۾ وقتي پاڪستاني سفير عثمان جدون چيو ته هڪ طرفيون فوجي ڪارروايون عالمي امن جي لاءِ خطرو آهن. پاڪستان وينزويلا ۾ تازي اڳڀرائي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو.پاڪستاني سفير چيو ته طاقت جي استعمال جي بجا3 سياسي اختلافن جو پائيدار حل ڳالهيون ۽ سفارتڪاري آهي. خطي ۾ ڇڪتاڻ علائقائي امن جي لاءِ سنگين خطرو آهي. گڏيل قومن جو منشور علاقائي سالميت جو احترام، عدم مداخلت جو پابند بنائڻ آهي. هن چيو ته هڪ طرفي فوجي ڪارروايون ڊگهي مدي تائين عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. موجوده صورتحال ۾ اڳيان وڌڻ جو رستو سفارتڪاري ۽ سياسي ڳالهيون آهن. پاڪستاني سفير چيو ته ڌريون ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ صبر جي مظاهري سان گڏوگڏ چڙ ڏياريندڙ قدم کان پاسو ڪن. وينزويلا ۾ امن استحڪام عوامي بهبود سمورن عالمي ڪوششن جو مقصد هجڻ گهرجي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے