بريڪنگ نيوز

ٽيڪس چوري ۽ سمگلنگ خلاف ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ ايف بي آر جي قدمن کي ساراهيندي ٽيڪس چوري جي خلاف قدمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ۽ ٽيڪس چورن ۽ اسمگلرن سان ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي ڪارڪردگي جي حوالي سان هفتيوار جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم کي ايف بي آر جي اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ قدمن تي اڳڀرائي ۽ ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ ڪامياب ڪاررواين تي ايف بي آر کي ساراهيندي چيو ته هر سال قوم جي اربين رپين جو قيمتي سرمايو اسمگلنگ جي ور چڙهي وڃي ٿو، پاڪستان ڪسٽمز جي ڪامياب ڪاررواين سان اسمگلنگ ۾ خاطرخواهه گهٽتائي اچڻ ساراهه جوڳو آهي، اسمگلنگ جي روڪٿام سان ڪيتريون ئي شيون هاڻي قانوني طور تي درآمد ٿي معيشت جو باضابطا حصو بڻجي رهيون آهن. وزيراعظم ٽيڪس چوري جي خلاف قدمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٽيڪس چوري ۽ اسمگلنگ جي خلاف ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي. هن صوبائي حڪومتن  کي غيرقانوني پيٽرول پمپس جي خلاف قانوني ڪاررواين ۾ ايف بي آر سان مڪمل تعاون جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ پوري ملڪ ۾ ڪسٽمز جو ٺوس نظامل اڳو آهي، راهگزر ايپ جي ذريعي پوري ملڪ ۾ پيٽرول پمپس جي رجسٽريشن ڪئي وئي آهي ۽ غيرقانوني پمپس جي خلاف قانوني ڪارروائي جاري آهي، ضلعي انتظاميا کي نئين پيٽروليم ايڪٽ تحت غيرقانوني مشينري ضبط ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي، پيٽروليم مصنوعات جي چرپر دوران جي پي ايس ٽريڪنگ جي لاءِ نظام نافذ العمل ٿي چڪو آهي. بريفنگ موجب جولاءِ کان نومبر 2025ع ۾ پيٽروليم مصنوعات جي اسمگلنگ روڪڻ جي نتيجي ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اوڳاڙين ۾ 82 سيڪڙو اضافو ٿيو، ان کانسواءِ گذريل 5 مهينن ۾ سگريٽ، ٽائرز، ڪپڙي، اليڪٽرانڪس ۽ ڪيترين ئي ٻين مصنوعات جي غيرقانوني اسمگلنگ جي خلاف قدمن جي نتيجي ۾ اوڳاڙين ۾ پڻ اضافو ٿيو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي دهشتگردي سان خطي مان ڪا وڏي جنگ لڳي سگهي ٿي : شيري رحمان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  پ پ پ جي اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے