ڪوئيٽه (م ڊِ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ايران کان هن وقت تائين تافتان باردر جي رستي 1979 ماڻهون پاڪستان داخل ٿي چڪا آهن جن ۾ 37 سفارتڪار به شامل آهن اها ڳالهه هن خميس تي ايڪس تي خيالن جو اظهار ڪندي ڪئي وڏي وزير چيو ته ايران ۾ جاري ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکي بلوچستان حڪومت جي سموري لاڳاپيل مشينري مڪمل طور تي الرٽ آهي ايران سرحد جي رستي پاڪساني شهرين سميت پرڏيهي به اچي رهيا آهن مير سرفراز چيو ته تافتان بارڊر تي ايندڙ سمورن ماڻهن کي ههر ممڪن سهلتون ۽ ضروري مدد فراهم ڪئي پئي وڃي،،،،
DailyWaka Sindhi News Papers