بريڪنگ نيوز

سيڪيورٽي فورسز پاران بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪارروايون، 11 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (م ڊ) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان صوبي جي خاران ۽ واشڪ ضلعن ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪيل ڪارراوين ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا آهن. اربع ڏينهن پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي( آءِ ايس پي آر) طرفان جاري بيان مطابق سيڪيورٽي فورسز 6 ۽ 7 سيپٽمبر 2026ع تي بلوچستان جي خاران ۽ واشڪ ضلعن ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الهندستان سان واڳيل دهشتگرسدن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو جنهن دوران ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 11 دهشتگرد مارجي ويا آهن. 6 سيپٽمبر تي دهشتگردن خاران ۾ جڪ روڊ بند ڪري مقامي ٽريفڪ ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، سيڪيورٽي فورسز وقتائتي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن کي روڪيو ۽ اثرائتي انداز ۾ کين نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم 8 دهشتگرد مارجي ويا. 7 سيپٽمبر تي هڪ ٻي ڪارروائي دوران واشڪ ضلعي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي رٿابندي تحت انتيليجنس آپريشن ڪيو ويو جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 3 دهشتگرد مارجي ويا . ان کان علاوه سيڪيورٽي فورسز 2.9 ٽن ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو  جنهن کي ديسي ساخته ڌماڪيدار اوزارن جي تياري لاءِ ڪيو پئي ويو. علائقي ۾ موجود ڀارتي سرپرستي  ۾ سرگرم وڌيڪ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس ۽ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهن. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان بابت وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي منظوري سان عزم استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ملڪ ۾ پرڏيهي پٺڀرائي ۽ حمايت يافته دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ بنا فرق ۽ مسلسل دهشتگردي جي خاتمي واري مهم پوري رفتار سان جاري رهندي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۽ انڊونيشيا پاران وچ اوڀر ۾ وڌندڙ بحران تي گهري ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ اوڀر ۾ وڌندڙ بحران تي گهري ڳڻتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے