بريڪنگ نيوز

ايراني پاسدارانِ انقلاب پاران 2 آمريڪي جنگي جهازن ۽ 8 آئل ٽينڪرن کي نشانو بڻائڻ جو دعويٰ

تهران (م ڊ) ايران جي پاسدارانِ انقلاب سمنڊي سرحدن ۽ بين الاقوامي سامونڊي لنگھن تي وڏي ڪارروائي ڪندي 2 آمريڪي جنگي بحري جهازن، 8 آئل ٽينڪرن ۽ 10 ٻين بااثر مالبردار جهازن کي ڪاميابيءَ سان نشانو بڻائڻ جو وڏو ۽ هئبت ناڪ دعويٰ ڪري ڇڏيو آهي. پاسدارانِ انقلاب جي جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، علائقي ۾ آمريڪي فوجي تحرڪ ۽ پنهنجي تحفظ تحت کنيل قدمن جي جواب ۾ اهي ڪارروايون ڪيون ويون آهن. پاسداران پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته انهن جي نشانن سبب آمريڪي نيويءَ جي بحري جهازن کي وڏو نقصان پهتو آهي. ايراني پاسداران انقلاب وڌيڪ ٻڌايو ته مختلف وقتن تي هلندڙ آپريشنز دوران عالمي تيل جي ترسيال ۾ ملوث 8 آئل ٽينڪرن سان گڏوگڏ 10 ٻين تجارجي ۽ هٿياربند بحري جهازن کي پڻ نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن بعد سامونڊي علائقن ۾ مڪمل خوف هراس پکڙجي ويو آهي. ٻئي طرف ايران جي هن وڏي دعويٰ بعد عالمي سطح تي ڳڻتي لهر پکڙجي وئي آهي. پنٽاگون ۽ آمريڪي ماريٽائيم اختيارين پاران سمنڊ ۾ ٿيل انهن نقصانن ۽ واقعن جو بارڪ بينيءَ سان جائزو ۽ تصديق ڪئي پئي وڃي، پر ان سان عالمي سمنڊي وهڪرو متاثر ٿيو آهي. معاشي ماهرن چيو آهي ته آئل ٽينڪرن کي نشانو بڻائڻ جي خبرن بعد عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ يڪدم نمايان اضافو ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ هرمز سمنڊي رستي مان گذرندڙ جهازن کي اعليٰ سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ وڌيڪ جيو پوليٽيڪل تڪرار وڌڻ جا امڪان آهن. ايراني پاسدارانِ انقلاب وڌندڙ علائقائي ڇڪتاڻ کانپوءِ هڪ ٻيو وڏو قدمن کڻندي چابهار کان وٺي بحيرہ عرب جي ڪجهه مخصوص حصن تائين سامونڊي حدون محدود ڪرڻ جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ عالمي بحري روتن تي سخت تشويش پکڙجي وئي آهي. برطانوي خبر رساڻي اداري (رائٽرز) جي تازي رپورٽ موجب ايراني پاسدارانِ انقلاب بدھ واري ڏينهن چيو آهي ته چابهار کان وٺي خليجِ عمان ۽ بحيرہ عرب جي مختلف علائقن تائين هڪ مخصوص ”بحري محدود علائقو قائم ڪيو پيو وڃي. پاسدارانِ انقلاب پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته ان نئين قائم ڪيل سامونڊي علائقي جون درست حدون، فاصلو ۽ جغرافائي نقاط پوري ترتيب سان پوءِ جاري ڪيا ويندا، پر سمنڊي سيڪيورٽي هيٺ اهي جڳهيون هاڻي پاسداران جي سڌي نظرداريءَ هيٺ هونديون. ترجمان پاسدارانِ انقلاب جو خبردار ڪندي چوڻ هو ته ايراني اختيارين سان اڳواٽ رابطي ۽ اجازت کان سواءِ ان محدود علائقي مان گذريل ڪنهن به تجارتاڻي يا جنگي جهازن کي سخت پابندين، تحويل ۾ وٺڻ ۽ ٻين قانوني توڙي دفاعي ڪاررواين جو منهن ڏسڻو پوندو. ايراني پاسدارانِ انقلاب جو اهڙو تحرڪ هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن خطي ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سياسي توڙي فوجي ڇڪتاڻ پنهنجي عروج تي پهچي چڪي آهي. آبنائي هرمز جي آسپاس عالمي سمنڊي آمدورفت سخت خطرن هيٺ اچڻ سبب عالمي منڊيءَ ۾ پڻ هراس ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزه شهر تي اسرائيلي حملن ۾ لڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي، حالتون انتهائي خراب آهن: گڏيل قومون

گڏيل قومون (مانيٽرنگ ڊيسڪ) گڏيل قومن چيو آهي ته غزه شهر تي اسرائيلي حملن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے