بريڪنگ نيوز

غزه شهر تي اسرائيلي حملن ۾ لڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي، حالتون انتهائي خراب آهن: گڏيل قومون

گڏيل قومون (مانيٽرنگ ڊيسڪ) گڏيل قومن چيو آهي ته غزه شهر تي اسرائيلي حملن ۾ لڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي، جنگ سان تباهه ٿيل علائقي جي ڏکڻ وارن علائقن  ۾ حالتون ايتريون خراب آهن جو بي گهر ۽ بک ۾ ورتل غزه جا ماڻهو مٽيءَ جي ڍيرن تي ۽ کليل ميدان ۾ سمهي رهيا آهن. گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطا آفيس (او سي ايڇ اي) جي تازي رپورٽ موجب غزه تي اسرائيلي فوج جا حملا مسلسل وڌي رهيا آهن، خيمن ۽ رهائشي علائقن ۽ انفرا اسٽرڪچر تي ٿيل انهن حملن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي جاني نقصان ٿي رهيو آهي، جنگ سبب تباهه ٿيل علائقي جي ڏکڻ وارن علائقن  ۾ حالتون انتهائي خراب آهن. او سي ايڇ اي جو چوڻ آهي ته غزه شهر جي اتر ۾ هن مهيني صحت جون ڪيتريون ئي سهولتون ۽ ڪميونٽي ڪچن بند ڪيا ويا آهن جنهن جو سبب مسلسل اسرائيلي فوجي آپريشنز آهن جن جو نشانو سمهندي، کيڏندي، خوراڪ ۽ پاڻي لاءِ قطار ۾ بيٺل ۽ طبي سارسنڀال جي ڳولا ۾ مشغول فلسطيني شهري بڻجي رهيا آهن. گڏيل قومن جي اعليٰ امدادي اهلڪار ٽام فلچر جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته غزه ۾ ماڻهن کي بمباري جو نشانو بڻايو ويو، معذور ڪيو ويو، بک ماريو ويو، زنده ساڙيو ويو، کين گهرن جي ملبي ۾ دفن ۽ اتي جي ٻارن کي پنهنجي والدين کان ڌار ڪيو ويو، هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ان بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ انصاف واري عالمي  عدالت (آءِ سي جي) جي عارضي قدمن تحت اسرائيل کي سڄي غزه ۾ فوري طور تي امداد جي سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 19 سيپٽمبر تي خان يونس جي ڀرپاسي واري علائقي المواصي ۾ هڪ چئن سالن جو ڇوڪرو ۽ پنج سالن جي ڇوڪريءَ کي ان وقت ماريو ويو ۽ ٻيا ماڻهو زخمي ٿيا جڏهن سندن خيمي کي نشانو بڻايو ويو. گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته 21 سيپٽمبر تي فلسطيني هٿياربند گروپن طرفان اسرائيل تي راڪيٽ فائر ڪرڻ کانسواءِ غزه سهر ۾ فلسطيني هٿياربند گروپن ۽ اسرائيلي فورسز وچ ۾ ويڙهه جا به اطلاع مليا آهن، ان کانسواءِ رهائشي عمارتن ۽ اندروني طور تي بي گهر ٿيل ماڻهن ۽ امداد جي ڳولا ۾ ماڻهن کي پناهه ڏيندڙ خيمن تي اسرائيل حملا هڪ دفعو ٻيهر رپورت ٿيا جن ۾ ڪنٽرول ٿيل ڌماڪن جا اطلاع آهن. 19 ۽ 20 سيپٽمبر جي وچ ڌاري 48 ڪلاڪن جي عرصي ۾ غزه شهر ۾ رهائشي عمارتن تي 18 رڪارڊ ڪيل حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 51 فلسطيني شهيد ٿيا، ان ۾ اٽڪل سڀئي عام شهري هئا. غزه عملدارن جا تازا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته هن هفتي کان 24 سيپٽمبر تائين 357 فلسطيني شهيد ۽ 1463 زخمي ٿيا. صحت واري وزارت جي رپورٽ موجب 7 آڪٽوبر 2023ع کان غزه ۾ 65400 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 167160 زخمي ٿي چڪا آهن، او سي ايڇ اي جو چوڻ آهي ته 27 مئي 2025ع کان هن وقت تائين 2531 شهادتون ۽ 18531 کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ سان گڏ امدادي سامان تائين پهچ جي ڪوشش ڪندڙن ۾ فوتگين جي تعداد ۾ اضافو ٿيو آهي، ان کانسواءِ آڪٽوبر 2023ع کان 19 سيپٽمبر تائين 440 غذائيت جي کوٽ سبب فوتگيون ٿيون جن ۾ 147 ٻار به شامل آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپاري معاهدو طئي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۾ وڏي اڳڀرائي، آمريڪي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے