بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته سي پيڪ رڳو هڪ ترقياتي منصوبو نه پر پاڪ چين مضبوطي دوستي جي علامت آهي، سي پيڪ تحت جي سي سي اجلاس پاڪستان ۽ چين جي گڏيل ويزن جي نئين سر توثيق ۽ سي پيڪ فيز ٽو لاءِ پرعزم روڊ ميپ جي جوڙجڪ آهي، فيز -2 کي فيز -1 جي بنياد تي ڪامياب بڻائڻ لاءِ اداره جاتي ڍانچي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ضروري آهي، سي پيڪ جي سمورن منصوبن ۽ هر چيني شهري جي حفاظت ۽ سلامتي اسان جي اولين ترجيح آهي. بيجنگ ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري تحت گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جي 14 هين اجلاس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته هو پنهنجي چيني ميزبانن ۽ ان جي سمورن معزز شرڪت ڪندڙن جو دلي ٿورو مڃڻ چاهي ٿو جن پنهنجي ڏاهپ ۽ همت سان ان اجلاس کي ڪامياب بڻايو، 14 هون جي سي سي نه رڳو هن وقت تائين جي اڳڀرائي جو جائزو هو پر هي اسان جي گڏيل ويزن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ سي پيڪ فيز – 2 لاءِ هڪ پرعزم روڊ ميپ جي جوڙجڪ به آهي، اڄوڪي ويهڪن اهو واضح ڪري ڇڏيو ته سي پيڪ فيز – 2 اسان جي حصيداري ۽ ترقي کي نوان رخ ڏيندڙ انجڻ ثابت ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن فيصلو ڪيو آهي ته سي پيڪ فيز 2 جي پنج راهدارين ترقي، جدت، گرين اڪانومي، روزگار ۽ علائقائي رابطن کي پاڪستان جي فائيو ايز فريم ورڪ سان هم آهنگ ڪيو وڃي، ان نئين ڳانڍاپي سان سي پيڪ هڪ صنعتي، فني، پائيدار ۽ گڏيل خوشحالي جو منصوبو بڻجندو. هن چيو ته هي اتفاق رڳو تصوراتي ناهي پر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تازي چين جي دوري ۾ چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ سان طئي ٿيل اتفاق راءِ ۽ اڄوڪي متفقه حڪمت عملي تي ٻڌل آهي، ان ۾ صنعتي تعاون، خصوصي اقتصادي زونز، جديد زراعت، سامونڊي ترقي، کاڻيون، ٽيڪنالاجي ۽ وڏن رابطن جي منصوبن جهڙوڪ ايم ايل ون، ڪي ڪي ايڇ ۽ گوادر شامل آهن. هن چيو ته جي سي سي جي 14 هون اجلاس سي پيڪ ذريعي اسان جي نوجوانن، محققن، ڪاروباري طبقي ۽ مزدورن لاءِ حقيقي موقعا پيدا ڪندو، آئون خاص ڪري لائن ون ريلوي منصوبي ۽ قرارقرم هاءِ وي جي نئين سرجوڙجڪ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪو هڪ وڏو هائيڊرو پاور ڊيم جي تعمير سبب ضروري ٿي ويو آهي، انهن منصوبن تي فوري عمل نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي لاءِ ڏور رس معاشي ۽ اسٽريٽجڪ فائدو آڻيندو. پروفيسر احسن اقبال چيو ته سي پيڪ فيز – 2 کي فيز 1 جي بنياد تي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي اداره جاتي ڍانچي کي وڌيڪ مضبوط ڪريون. هن تجويز ڏني ته ايندڙ ٽن سالن دوران جي سي سي جو اجلاس هر 6 مهينن بعد ۽ ورڪنگ گروپس جا اجلاس سالياني بنياد تي منعقد ڪيا وڃن ته جيئن رفتار ۽ تسلسل برقرار رهي. وفاقي وزير چيو ته موجوده جيو پوليٽيڪل حالتن ۾ سي پيڪ مخالف پروپيگنڊا کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اڄوڪي اجلاس جي منٽس ۽ اتفاق راءِ کي باقاعدگي سان جاري ڪيو وڃي ته جيئن ان فورم جا فيصلا حتمي ۽ نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿين. گڏوگڏ اهو به طئي ڪيو وڃي ته ايندڙ 90 ڏينهن ۾ هڪ نئون ڊگهي مدي وارو سي پيڪ پلان شايع ڪيو وڃي جيڪو پنج راهدارين ۽ فائيو ايز تي ٻڌل اسان جي اڳواڻن جي گڏيل ويزن جي موجب هجي. هن چيو ته آئون پنهنجي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن کي اها خاطري ڪرائڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان ۾ سي پيڪ جي سمورن منصوبن ۽ هر چيني شهري جي حفاظت ۽ سلامتي اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۾ موجود هر چيني مهمان اسان لاءِ ايترو ئي اهم آهي جيتري هر پاڪستاني جي جان، هن جو چوڻ هو ته سي پيڪ صرف هڪ ترقياتي منصوبو ناهي پر اسان جي ”مضبوط دوستي“ جي نشاني آهي، اسان ان حصيداري کي هڪ مستحڪم، محفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪندا رهنداسين، سي پيڪ چين ۽ پاڪستان کي نه رڳو هر موسم جو دوست بڻائيندو پر هي 21 هين صدي ۾ اعليٰ معيار جي ترقي ۽ جدت جو حقيقي حصيدار پڻ آهي. هن چيو ته اسان کي اهو عزم ڪرڻو پوندو ته ايندڙ ڏهاڪو سي پيڪ جي گذريل ڏهاڪي کان وڌيڪ تبديلي ۽ ترقي وارو هوندو. هن تجويز پيش ڪئي ته جي سي سي جو 15 هون اجلاس مئي 2026ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ڪيو وڃي جيڪو ٻنهي ملڪن جي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ يادگار موقعو هوندو.
