بريڪنگ نيوز

اسلام آباد بلدياتي چونڊن ۾ دير: اليڪشن ڪميشن وفاقي گهرو وزير کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني ۾ بلدياتي چونڊن ۾ دير جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن گهرو وزير کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. جڏهن ته گهرو سيڪريٽري کي به توهين ڪميشن جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي جي دوران چيف ڪمشنر اسلام آباد علي رندھاوا اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو۔ جڏهن ته گهرو سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۾ پيش نه ٿيو، ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪميشن ڪمشنر پڇاڻو ڪيو ته گهرو سيڪريٽري ڪٿي آهي؟ هن هدايت ڏني ته ايندڙ ٻڌڻي تي گهرو وزير کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر سوال ڪيو ته گهرو سيڪريٽري ڪٿي آهي؟ جيڪڏهن سيڪريٽري نه پيو اچي ته گهرو وزير کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪريون ٿا،  ايندڙ سمورين ٻڌڻين تي وفاقي گهرو وزير پاڻ ايندو، هن چيو ته آءِ سي ٽي جا عملدار واپس وڃو ۽ وڃي ٻڌايو ته اسان کي اليڪشن ڪميشن ۾ نه ٻڌو ويو۔اليڪشن ڪميشن جي عملدارن چيو ته گهرو سيڪريٽري کي خط موڪليو هو پر هو تعاون نٿو ڪري، اسان گهرو وزارت کي به خط موڪليو پر ڪو به جواب نه آيو۔ جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته گهرو سيڪريٽري کي توهينِ ڪميشن جو نوٽيس جاري ڪيو وڃي۔ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي عملدارن جو چوڻ هو ته ڊي مارڪيشن نوٽيفڪيشن ۽ اسلام آباد جو نقشو، ۽ يونين ڪائونسل جي ميمبرن جو انگ گهرجي ته جيئن اسين تڪ بنديون شروع ڪري سگهون۔ انهي موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته آءِ سي ٽي انتظاميه هن معاملي کي هلڪو وٺي رهي آهي، هي چونڊون سڌي طرح آءِ سي ٽي جي ذميواري آهن،  چيف اليڪشن ڪمشنر وڌيڪ چيو ته 3 وفاقي وزير ڪميشن ۾ آيا هئا ۽ اسان کي يقين ڏياريو هو، اسان کي سخت ڪارروائي ڪرڻ تي مجبور نه ڪريو، اسان کي ٽائيم لائن ڏيو۔ چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اڱاري تي چيف ڪمشنر اسلام آباد معاملي تي اڳڀرائي ٻڌائيندو، ٻڌڻي ايندڙ اڱاري تائين ملتوي ڪئي وڃي ٿي۔

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هٿيارن ۾ گهٽتائي ۽ امن کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته دنيا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے