اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالسميع خان چيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول پمپس تي پيٽرول جي کوٽ پيدا ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي. ٻئي طرف حڪومت چيو آهي ته پيٽروليم شين جو ذخيرو ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويند.يپريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالسميع خان چيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول جي طلب ۾ اوچتو اضافو ٿي ويو آهي. مختلف پيٽرول پمپس تي کوٽ پيدا شروع ٿي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت کي پيٽروليم ليوي ۽ ٽيڪسز ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪيو وڃي. انهي سان غربي، موٽر سائيڪل سوار طبقو سخت متاثر ٿيندو. آءِ جي سنڌ پيٽرول پمپس جي سيڪيورٽي يقيني بنائي. عبدالسميع خان چيو ته ماڻهو وڏي تعداد ۾ پيٽرول پمپمس تان پيٽرول جي خريداري ڪري رهيا آهن. حڪومت پيٽروليم جي ذخيرن جي وڏي تعداد ۾ موجودگي تي ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي. ڊيلرز کي به روزاني جي سيل کان 50 سيڪڙو گهٽ پيٽرول ڏنو پيو وڃي. پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن چيو ته حالتون تمام گهڻيون خراب آهن پيٽرول پمپن تي جهيڙا شروع ٿي ويا آهن. سڀاڻي اسان تي الزام نه لڳايو وڃي ته اسان گڙبڙ ڪري رهيا آهيون. پيٽرول تي ٽيڪس ۽ ليوي کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي، حڪومت کي ڳالهين لاءِ چئون ٿا ته اها ڪميٽي ٺاهي ٿي ڇڏي. هن چيو ته حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪرڻ لاءِ سوچي رهي آهي. اسان ايترو مهانگو پيٽرول نٿا ڏئي سگهون يا ته اسان پيٽرول پمپ بند ڪري ڇڏيون، اڳ ئي شهر جا ڪيترائي پيٽرول پمپس ڊرائي ٿي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ امن امان جو خطرو پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف جغرافيائي ۽ علائقي صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومت عوام کي يقين ڏياريو آهي ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جا وڏا ذخيرا موجود آهن جيڪي قومي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن. اوگرا عوام کي گذارش ڪئي آهي ته اهي ڪنهن به قسم جي افواهه تي نه ڌيان نه ڏين نه ئي غير ضروري طور تي پيٽروليم شين جي خريداري يا ذخيره اندوزي ڪن. ترجمان واضح ڪيو ته پيٽروليم شين جي غيرقانوني ذخيره اندوزي يا انهي کي غير مجاز هنڌ تي رکڻ ۾ ملوث ڪنهن به ماڻهو يا اداري جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. خاص طور تي اهي هنڌ جيڪي باقاعده لائسنس يافته آئل ڊپو يا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي ريٽل آئوٽ لائسنس کان علاوه هجن.
DailyWaka Sindhi News Papers