بريڪنگ نيوز

ٽرمپ جي ڪري ئي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگبندي ممڪن ٿي، سندس قيادت ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا: شهباز شريف

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ وائيٽ هائوس جي اوول آفيس ۾ ملاقات ٿي. آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ ملاقات ۾ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي. آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ۽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ مارڪو روبيو پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات کان اڳ وائيٽ هائوس ۾ پنهنجي هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۽ هٿياربند فوج جي سربراهه جي اچڻ بابت صحافين کي پرجوش انداز ۾ آگاهه ڪيو ۽ انهن جي لاءِ تعريفي جملا ادا ڪيا. هن وزيراعظم جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان جو عظيم اڳواڻ شهباز شريف ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج جو سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير ملاقات جي لاءِ اچي رهيا آهن، ٻئي بهترين شخصيتون آهن، مون کي پهچڻ ۾ ڪجهه دير ٿي رهي آهي، هو خوبصورت اوول آفيس پهچي چڪا آهن، ٿوري دير ۾ انهن سان ملاقات ٿيندي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو آمريڪي صدر سان ملاقات جي لاءِ اينڊريو ايئربيس پهچڻ تي ريڊ ڪارپيٽ تي آمريڪي ايئر فورس جي اعليٰ عهديدار شاندار استقبال ڪيو جنهن کانپوءِ وزيراعظم جو موٽرڪيڊ آمريڪي سيڪيورٽي جي گهيراءُ ۾ ايئربيس کان روانو ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ ويل آهي جتي هو جمعي ڏينهن جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. واضح رهي ته وزيراعظم جي گذريل ڏينهن عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي پڻ آمريڪي صدر سان ملاقات ٿي هئي.  وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي امن جو علمبردار قرار ڏيندي چيو آهي ته سندس ڪري ئي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگبندي ممڪن ٿي. سندس قيادت ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان جي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مائننگ ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ فوج جو سربراھ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرات پڻ موجود هو. جاري ڪيل بيان موجب ملاقات انتھائي پرجوش انداز ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿي. وزيراعظم صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي “امن جو علمبرادر” قرار ڏيندي دنيا ۾ تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ سندس مخلصاڻين ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن صدر ٽرمپ جي دليراڻي ۽ فيصلي ڪرڻ جي سگھ رکندڙ قيادت جي واکاڻ ڪئي جنهن جي ڪري پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي ممڪن ٿي ۽ خطو هڪ وڏي بحران کان بچي ويو. وزيراعظم وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳالھائيندي غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ امن جي قيام لاءِ صدر ڊولڊ ٽرمپ جي ڪوششن خاص طور تي هن هفتي نيويارڪ ۾ مسلم دنيا جي اڳواڻن کي وچ اوڀر ۾ امن جي بحالي لاء جامع مشاورت لاءِ دعوت ڏيڻ کي ساراھيو. وزيراعظم هن سال جي شروعات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيل واپاري معاهدي تي صدر ٽرمپ جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ ڀائيواري جو ذڪر ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته صدر ٽرمپ جي قيادت ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ان موقعي تي هن آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان جي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن علائقائي سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت تعاون وڌائڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم دهشتگردي جي خاتمي ۾ پاڪستان جي ڪردار جي کليل حمايت تي صدر ٽرمپ جا ٿورا ادا ڪيا ۽ سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بيان مطابق وزيراعظم صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي وڏي گرمجوشي سان مناسب وقت تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پيپلزپارٽي قيادت ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ بعد تبديلي جي منظوري ڏني آهي: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے