خضدار (مانيٽرنگ ڊيسڪ) فتنته الهندستان جا دهشتگرد مسلسل ناڪامي سبب بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ ڪامياب آپريشن ۾ فتنته الهندستان جا 14 دهشتگرد مارجي ويا. رپورٽ موجب سيڪيورٽي فورسز خضدار جي علائقي زهري ۾ پرامن ماڻهن کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي، سيڪيورٽي فورسز آپريشن جي دوران دهشتگردن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان تباهه ڪيو. خضدار ۾ آپريشن جي دوران فتنته الهندستان جا 14 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. رپورٽن موجب فتنته الهندستان مسلسل ناڪامين سبب بوکلاهٽ جو شڪار ٿي رهيا آهن، خضدار جي علائقي زهري جي عوام سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن جي تعريف ڪئي. خضدار جي عوام دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا لڳايا.سيڪيورٽي فورسز عوام جي تحفظ لاءِ فتنته الهندستان جي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ هر وقت تيار آهي، سيڪيورٽي فورسز عوام جي تعاون سان فتنته الهندستان جي دهشتگردن جو قلعو ختم ڪنداسين. فتنه الهندستان جا دهشتگرد مسلسل ناڪامين سبب بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا، سيڪيورٽي فورسز خضدار جي علائقي زهري ۾ پر امن ماڻهن کي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي. تفصيل مطابق سيڪيورٽي فورسز آپريشن دوران دهشتگردن جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان تباهه ڪيو. خضدار ۾ آپريشن دوران فتنه الهندستان جا 14 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اطلاعن مطابق فتنه الهندستان مسلسل ناڪامين سبب بوکلاهٽ جو شڪار آهي. خضدار جي علائقي زهري جي عوام سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن کي ڀرپور ساراهيو.
