بريڪنگ نيوز

آزاد ڪشمير ۾ حڪومتي ۽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب

مظفرآباد  (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ ڪيترن ڏينهن کان جاري ڇڪتاڻ ختم ٿي وئي، حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي ۽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، ڌرين معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون.مظفر آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس جي دوران وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله اعلان ڪيو ته عوامي ايڪشن ڪميٽي جا سمورا جائز مطالبا مڃيا ويا آهن، هن ٻڌايو ته ڌرين جي وچ ۾ معاملن کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ ليگل ايڪشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا هر 15 ڏينهن کان پوءِ گڏجاڻي ڪندي.پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو ته ڪجهه عناصر چاهين ٿا ته حالتون خراب ٿيون پر انهن جا سمورا منصوبا ناڪام ٿي ويا، هن چيو ته ڪشمير ۾ امن قائم رکڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هاڻ ڪنهن کي روڊن تي اچڻ جي ضرورت نه آهي. مسئلا ڪميٽي جي ذريعي حل ڪيا ويندا.وفاقي وزير احسن اقبال انهي معاهدي کي پاڪستان، آزاد ڪشمير ۽ جمهوريت جي فتح قرار ڏنو. هن چيو ته حڪومت تڪرار جي بجاءِ ڳالهين کي ۽ انا جي بجاءِ اتحاد کي اوليت ڏني. جنهن سبب بحران پرامن طور تي ختم ٿيو.طارق فضل چوڌري سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان معاهدو ٿي چڪو آهي. مظاهرين گهرن ڏانهن واپس وڃي رهيا آهن، سمورا روڊ کلي ويا آهن. وفاقي وزير ۽ جوائنٽ ايڪشن جي وچ ۾ معاهدي جا نڪتا به سامهون اچي ويا آهن جن موجب پرتشدد واقعن سبب فوتگين تي دهشتگردي  تحت ڪيس داخل ڪيا ويندا. پهرين ۽ 2 آڪٽوبر تي فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن کي معاوضو ڏنو ويندو، زخمين کي في ماڻهو 10 لک روپيه ڏنا ويندا.معاهدي ۾ طئي ٿيو ته شهيدن جي خاندان ۾ هڪ شخص کي 20 ڏينهن ۾ سرڪاري نوڪري ڏني ويندي، مظفر آباد پونچهه ڊويزن مان 2 اضافي سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ ٺاهيا ويندا، ٻنهي بورڊ جو فيڊرل بورڊ سان الحاق ڪيو ويندو.معاهدي موجب آزاد ڪشمير حڪومت 15 ڏينهن ۾ هيلٿ ڪارڊ جي لاءِ فنڊ جاري ڪندي. پاڪستان جي حڪومت بجلي جي ورهاست واري نظام جي بهتري لاءِ 10 ارب روپيه ڏيندي.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير جي ڇڪتاڻ واري صورتحال جي حل لاءِ راڻا ثناءُالله، احسن اقبال، طارق فضل چوڌري، امير مقام، سردار يوسف، راجا پرويز اشرف ۽ قمرالزمان ڪائره تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڳالهين واري ڪميٽي جوڙي هئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڄمون ڪشمير ۾ ڳالهين واري عمل جي ڪاميابي، حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي وچ ۾ معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته امن جو قيام ۽ حالتن جو معمول تي اچڻ سٺو سنئوڻ آهي، حڪومت پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، افواهن تي ڌيان نه ڏيو، اسان اڳ به ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي حقن جا محافظ هئاسين ۽ هميشه انهن جي حقن جو تحفظ ڪندا رهنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبرن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سندن انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن جي تعريف ڪندي ڀرپور شاباش ڏني. وزيراعظم ان کي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته امن جو قيام ۽ حالتن جو معمول تي اچڻ سٺو سنئوڻ آهي. هن چيو ته سازشون ۽ افواهون آخرڪار ختم ٿي ويون ۽ سمورا معاملا سهڻي نموني حل ٿيا. هن  ڳالهين جي ڪاميابي تي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن جو به ٿورو مڃيو ۽ امن جي قيام تي مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم چيو ته  آزاد ڪشمير جي مسئلن تي هميشه حڪومت جو ڌيان رهيو آهي ۽ منهنجي حڪومت هميشه ترجيحي بنيادن تي انهن مسئلن کي حل ڪيو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وطن جي بهادر پٽن جون قربانيون همِشه ياد رهنديون: شهباز شريف

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف اورڪزئي ضلعي ۾ سيڪيورٽي آپريشن ۾ ڀارتي حمايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے