بريڪنگ نيوز

وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نواز شريف سان جاتي امرا ۾ ملاقات، پرڏيهي دورن جي حوالي کان آگاهه

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي وڏي ڀاءُ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف سان جاتي امرا ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس پنهنجي هاڻوڪن پرڏيهي دورن جي حوالي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي آزاد ڪشمير جي هاڻوڪي صورتحال ۽ ڪامياب ڳالهين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. اڄ وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي هم منصب انور ابراهيم جي دعوت تي ملائيشيا جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿيندو. ملائيشيا جي وزيراعظم محمد نواز شريف کي به ملائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني هئي، هن ملائيشيا جي وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪندي ڪنهن ٻئي مناسب وقت تي دوري ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم سان حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد جي اهم ملاقات

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے