راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي فوج جي اعليٰ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي چڙ ڏياريندڙ بيانن تي پاڪ فوج جي ترجمان جو ردعمل اچي ويو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته ڀارتي سيڪيورٽي ادارن جا جارحاڻا ۽ چڙ ڏياريندڙ بيان انتهائي ڳڻتيءَ سان نوٽ ڪيا آهن، اهي غير ذميواراڻا بيان جارحيت لاءِ هٿ ٺوڪين بهانن جي نئين ڪوشش آهي، اهڙن بيانن سان ڏکڻ ايشيا ۾ امن کي سنگين خدشا پيش اچي سگهن ٿا. ترجمان چيو ته ڀارت گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان کي ناڪاري انداز ۾ پيش ڪري ۽ الزام هڻي پاڻ کي مظلوم ظاهر ڪرڻ جو ڪارڊ کيڏي رهيو آهي، توڙي جو خطي ۾ تشدد کي هٿي ڏئي ڀارت حقيقت ۾ پاڻ ئي دهشتگردي جي سرپرستي ڪئي آهي، ڀارت جو اهو بيانيو هاڻ گهڻي حد تائين وائکو ٿي چڪو آهي، دنيا ڏسي چڪي آهي ته سرحد پار دهشتگردي جو حقيقي چهرو ڀارت جو ئي آهي، دنيا ڀارت کي علائقائي عدم استحڪام جو مرڪز تسليم ڪري چڪي آهي. هن چيو ته تازو ڀارتي جارحيت ٻنهي ايٽمي طاقتن کي جنگ ڪنڌي پهچائي ڇڏيو هو، ڀارت کان شايد پنهنجا تباهه ٿيل ويڙهاڪ جهاز وسري ويا آهن، ڀارت هڪ نئين ڇڪتاڻ جي خواهش ۾ مبتلا نظر اچي ٿو، بيانن سان اهو واضح ٿئي ٿو ته مستقبل جو تڪرار تباهي جوڳن نتيجن جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته جيڪڏهن جنگ جو نئون دور شروع ٿئي ٿو ته پاڪستان پوئتي نه رهندو، اسان ڀرپور طاقت ۽ پختي عزم سان جواب ڏينداسين، پاڪستان جو جواب تڪڙو، فيصلائتو ۽ تباهي جوڳو هوندو. ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڪنيرڊ ڪاليج فار وومين يونيورسٽي جو دورو ڪيو، جتي فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن سندس آجيان ڪئي. ڊي جي، آءِ ايس پي آر ڳالهين واري سيشن ۾ پاڪستان جي پيشيواراڻن معاملن بابت شاگردن سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون. هن پاڪ فوج، سڌ سماءَ، سيڪيورٽي مسئلن ۽ سوشل ميڊيا جي ڪردار تي روشني وڌي. فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن طرفان ڊي جي، آءِ ايس پي آر جي آمد کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو ويو. سيشن ۾ ڪنيرڊ ڪاليج جي ڏسڻ کان محروم معصوم شاگردياڻي شاندار نغمو پيش ڪيو. شاگردن پاڪ فوج جي شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪيو.
