بريڪنگ نيوز

ايٽمي معاهدي جو وقت پورو ٿيو، هاڻ پابند نه آهيون: ايران

تهران (م ڊ) ايران چيو آهي ته اسان جي ايٽمي پروگرام بابت دنيا سان ڪيل 10 ورهين واري معاهدي جو وقت پورو ٿي چڪو آهي. ايراني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته 2015 جي ايٽمي معاهدي جون سموريون شقون ڇنڇر جي ڏينهن ختم ٿي چڪيون آهن، هاڻ ايران انهي معاهدي جو پابند نه آهي پر ايران سفارتڪاري جي لاءِ پرعزم آهي.اد رهي ته 2015 ۾ گڏيل جامع پلان آف ايڪشن معاهدي ۾ ايران، آمريڪا، برطانيه، فرانس، جرمني، روس ۽ چين شامل هئا. انهي 10 سالن جي معاهدي تحت ايران پنهنجي ايٽمي پروگرام کي محدود ڪرڻ تي راضي ٿي ويو هو. جڏهن ته ايران تي لڳايل اقتصادي پابنديون ختم ڪيون ويون هيون. جنهن کان پوءِ آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي گذريل دور ۾ 2018 ۾  انهي معاهدي مان نڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم سان حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد جي اهم ملاقات

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے