اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته افغان زمين تان پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهن.سماجي رابطن جي ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته دوحه ۾ گذريل رات طئي ٿيل معاهدي جي آجيان ڪريون ٿا، اهو صحيح طريقي سان کنيل پهريون مثبت قدم آهي.پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته اسان پاڙيسري ملڪ قطر ۽ ترڪيه جي تعمير ڪردار جي تعريف ڪريون ٿا ۽ ترڪيه ۾ ٿيل ايندڙ اجلاس ۾ پڪا ۽ تصديق جوڳي مانيٽرنگ مڪينزم جي قيام تي ڳالهيون ٿينديون.اسحاق ڊار چيو ته افغان زمين تان پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهن، وڌيڪ جاني نقصان کان بچڻ جي لاءِ سمورن امڪاني قدمن تي عملدرآمد ضروري آهي.اسحاق ڊار اهو به لکيو ته نگراني جو طريقيڪار ضروري آهي ته جيئن افغان زمين تان پاڪستان طرف اٿندڙ دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏئي سگهجي، وڌيڪ حياتين جي نقصان کي روڪڻ لاءِ سموريون ڪوششون ڪتب آڻڻ ضروري آهي.
