بريڪنگ نيوز

سيز فائر ٿي ويو، پاڪستان ۽ افغانستان هڪ ٻئي جي سرزمين جو احترام ڪندا: خواجه آصف

دوحه: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جنگبندي معاهدي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻئي پاڙيسري ملڪ هڪ ٻئي جي سرزمين جو احترام ڪندا. قطري پرڏيهي واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ جنگبندي تي اتفاق قطر ۽ ترڪيه جي ٽياڪڙي ۾ ٿيو. ٻنهي ملڪن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ ملاقاتون ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ مستقل مڪينزم ٺاهڻ تي به اتفاق ڪيو آهي. جنهن کان پوءِ دفاع واري وزير ۽ قطر ۾ ٿيل ڳالهين لاءِ پاڪستاني وفد جي سربراهه خواجه آصف ايڪس تي بيان ڏيندي تصديق ڪئي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سيز فائر جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي. خواجه آصف چيو ته پاڪستان جي زمين تي افغانستان مان دهشتگردي جو سلسلو فوري طور تي بند ٿيندو. ٻئي پاڙيسري ملڪ هڪ ٻئي جي سرزمين جو احترام ڪندا. دفاع واري وزير وڌيڪ چيو ته 25 آڪٽوبر تي استنبول ۾ ٻيهر وفد جي صورت ۾ ملاقات ٿيندي ۽ معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ٿينديون، اسان قطر ۽ ترڪيه ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي تهه دل سان ٿورائتا آهيون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ پاسپورٽ ۽ اميگريشن سسٽم کي پڻ تيز ۽ فول پروف بڻايو ويو آهي: محسن نقوي

بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ)گهرو معاملن واري وفاقي وزير وزير محسن نقوي بيجنگ پبلڪ سيڪيورٽي جي پاسپورٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے