بريڪنگ نيوز

وفاقي حڪومت جو مسجدن ۽ مدرسن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت مسجدن ۽ مدرسن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.گهرو وزير محسن نقوي ڪراچي ۾ مفتي منيب الرحمان جي رهائشگاهه تي پهتو جتي هن مفتي منيب الرحمان جي اڳواڻي ۾ مشهور سني عالمن سان ملاقات ڪئي.اجلاس ۾ گذريل ڪجهه عرصي ۾ پيش ايندڙ واقعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته عالمن مختلف معاملن تي گهرو وزير کي پنهنجا موقف پيش ڪيا.گهرو وزير عالمن جو موقف ٻڌو ۽ انهن کي سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ جلد هڪ تفصيلي اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ سڀني جائز مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته حڪومت مدرسن ۽ مسجدن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي، ڌرين جي وچ ۾ رابطي لاءِ فوڪل پرسن هر وقت موجود هوندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ، پُرامن ۽ ترقي يافته ملڪ ڇڏي وڃڻو آهي: اعظم نذير

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے