لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته سعد رضوي جي نالي تي 95 بينڪ اڪائونٽس ۽ ناجائز ملڪيتن کي سيل ڪيو ويو آهي، حڪومت 3800 مددگارن جي نشاندهي ڪري ورتي آهي. هن مذهبي پارٽي جي اڳواڻن کي 3 ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي، انهن جي خلاف ڪريڪ ڊائون هلي رهيو آهي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان(ٽي ايل پي) جي مالي مدد ڪندڙن جي خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ٿيندا. 3800 مددگارن جي نشاندهي ڪري ورتي آهي. خادم حسين رضوي جي قبر ٻئي هنڌ منتقل نه پئي ڪئي وڃي. پر قبر جو استعمال ڪندي چندو گڏ ڪرڻ ۽ اشتعال انگيزي جي لاءِ ماڻهو گڏ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو ته ٽي ايل پي جي احتجاج دوران لاشن جي پروپيگنڊا ڪئي وئي، مريدڪي واقعي ۾ 3 شهري شهيد ٿيا جيڪي واٽهڙو هئا، جڏهن ته 45 ڄڻا زخمي به ٿيا پرتشدد احتجاج جي دوران 110 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا. احتجاج جي دوران سٿرا پنجاب جي گاڏين سميت پوليس موبائلز ۽ ريسڪيو گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون. سرن سان ڀريل ٽراليون انهن سان گڏ هلي رهيون هيون. هن چيو ته ٽي ايل پي جي مالي مدد ڪندڙن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ تمام گهڻي حيرت ٿي ته ٽي ايل پي جي مالي مدد ڪندڙن ۾ وڏا وڏا نالا ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو شامل هئا.هن ٻڌايو ته سعد رضوي جي گهر مان هڪ ڪلو 920 گرام سون، 898 گرام چاندي، 69 برانڊڊ گهڙيون، سون جا ڪڱڻ، 12 برسليٽ، سون جا هار، چاندي جا تاج، منڊيون ۽ 50 هزار ڀارتي روپيه هٿ آيا، هن چيو ته سعد رضوي جا 91 بينڪ اڪائونٽس هئا جن کي سيل ڪيو ويو آهي. عظميٰ بخاري چيو ته ڪوبه مسلمان ڪنهن مسجد کي شهيد ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي. هاڻ انهن مسجدن جو انتظام اهلسنت جي عالمن جي حوالي ڪيو ويندو.هن چيو ته ٽي ايل پي جي 330 مسجدن جو انتظام حڪومت سنڀالي ورتو آهي اهي مسجدون اذان ۽ نماز جي لاءِ کليل رهنديون. لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي زيرو ٽالرنس آهي، سمورن ملڪن کان درخواست آهي ته لائوڊ اسپيڪر کي اذان ۽ مسجد کي طرف نماز جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. ٻئي ڪنهن به سرگرمي جي اجازت نه هوندي.عظميٰ بخاري ٻڌايو ته ٽي ايل پي جي 223 مدرسن جي جيو ٽيگنگ مڪمل ڪئي وئي آهي اهي مدرسا تمام جلد کوليا ويندا، سواءِ ڪجهه اهڙن مدرسن جي جن جي باري ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وٽ سخت رپورٽون موجود آهن، انهن مدرسن کي جلد اهلسنت والجماعت جي عالمن حوالي ڪيو ويندو.عظميٰ بخاري سوشل ميڊيا جي رپورٽ جي حوالي سان چيو ته جيڪي ٻار گرفتار ٿيندا آهن انهن جا والدين ڏوراپا ڏيندا آهن، منهنجي گذارش آهي ته پريشاني کان بچڻ جي لاءِ پنهنجن ٻارن تي نظر رکو، اوهان جا ٻار ڪنهن جي لاءِ اوزار بنجڻ جي لاءِ دنيا ۾ ناهن آيا، اوهان جي ٻارن کي به تعليم ۽ ترقي ملڻ گهرجي.هن سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪندڙن کي به آگاهه ڪيو ته انهن جي خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ٿيندا، انهن جو پوليس رڪارڊ هوندو. انهن کي ڪٿي به داخلا نه ملندي، نه ڪا ويزا ملي سگهندي نه ئي ملڪ جي اندر ڪا سهولت حاصل ڪري سگهندا، هن والدين کي اپيل ڪئي ته پنهنجن ٻارن کي اهڙين تڪليفن کان بچايو.هن چيو ته اها ڳالهه به رڪارڊ تي آئي آهي ته ٽي ايل پي جا 6 مدرسا حڪومتي پراپرٽي تي ٺهيل هئا. هن چيو ته ڪيسز جي پيروي لاءِ اسپيشل پراسيڪيوشن سيل جوڙيو ويو آهي انهن ڪيسز سان انتهائي سختي سان منهن ڏنو ويندو.عظميٰ بخاري سعد رضوي ۽ انهي جي ڀاءُ جو نالو کڻڻ کان سواءِ چيو ته اهي افواهون هلي رهيون آهن ته ٻنهي ڀائرن کي قتل ڪيو ويو آهي انهن کي گوليون لڳيون آهن. هن چيو ته انهي ڳالهه ۾ ڪابه سچائي نه آهي، ٻنهي ڀائرن کي ٽريس ڪيو پيو وڃي اڄ نه ته سڀاڻي هو ضرور گرفتار ڪيا ويندا. وفاقي حڪومت کي پنجاب ڪابينه طرفان ٽي ايل تي پابندي جي تجويز اماڻي وئي آهي جنهن تي هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ فيصلو اچي ويندو جيڪو به فيصلو هوندو انهي سان سختي سان عمل ڪيو ويندو.
