اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ قطر ۾ ٿيل سيز فائر معاهدي جي ٽائيم بابت بيان ڏنو آهي.دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته سيز فائر معاهدي ۾ اهو چٽي طريقي سان بيان جاري ڪيو ويو هو ته ڪابه دراندازي نه ٿيندي، ٽي ٽي پي کي افغان زمين تي ڪابه سهولت نه ڏني ويندي.خواجه آصف چيو ته اسان هر ڀيري اها ڳالهه ورجائيندا رهيا آهيون ۽ ظاهر آهي ته افغانستان انهي ڳالهه کان انڪار ڪندو رهيو آهي، ترڪيه، قطر زور ڏنو ته بنيادي تڪرار اهو آهي ته افغانستان جي زمين يا سرپرستي ٽي ٽي پي کي پاڪستان ۾ ڪارروائي جي لاءِ دستياب آهي، اسان افغانستان کي ٻڌايو ته سڀ ڪجهه صرف هڪ شق تي ٻڌل آهي.هن چيو ته انهي سيز فائر جي لاٰءِ وقت جي حد مقرر ناهي ڪئي وئي، ڪوبه وقت مقرر ناهي ڪيو ويو ته اسان فلاڻي تاريخ تي ڏسنداسين ۽ پوءِ سيز فائر معاهدي جي توسيع ڪندا، جڏهن ته لاڳو ٿيل معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ٿيندي، اسان جي وچ ۾ جنگبندي جو معاهدو موجود آهي.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ دوحه ۾ سيز فائر معاهدي طئي ٿيو هو جنهن ۾ قطر ۽ ترڪيه ڪردار ادا ڪيو هو. سيز فائر معاهدي تي عملدرآمد جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ ٻئي گڏجاڻي ترڪيه ۾ 25 کان 27 آڪٽوبر تائين ٿيندي. بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته مذهب جي نالي تي جٿا ڪير ۽ ڪنهن لاءِ تيار ڪندو رهيو آهي، اهو سڀ ڄاڻن ٿا. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ٽي ايل پي تي پابندي لڳڻ يا نه لڳڻ واري معاملي تي مان ڪجهھ نه چوندس، مذهب جي نالي تي اهڙا جٿا ڪنهن به رياست ۾ قبولڻ جوڳا ناهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ به اهڙن جٿن کي برداشت نه ڪرڻ گهرجي، گهڻو دير ٿي وئي آهي، ڏهاڪن کان اسان اهڙا جٿا تيار ڪندا آيا آهيون، ڪير اهي جٿا تيار ڪندو رهيو ۽ ڪنهن لاءِ تيار ڪندو رهيو آهي، اها سڀني کي خبر آهي. هن چيو ته هاڻي رياست قانون، قاعدي ۽ آئيني موجب هلندي، ڪنهن وقت جي گهرج يا ڪنهن جائز يا ناجائز ضرورت تحت نه. بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته اسان کي هڪ مضبوط رياست بڻجڻو پوندو، اهڙيون مذهبي انتهاپسند جماعتون جيڪي ماڻهن کي قتل ڪن يا ملڪيت کي نقصان رسائن، اهي قبولڻ جوڳيون ناهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي ڪارڪنن کي اسلام آباد وڃڻ لاءِ تيار رهڻ واري بيان بابت مون کي ڄاڻ ناهي، مولانا مون لاءِ نهايت احترام لائق شخصيت آهي ۽ مان هن بابت ڪا به ڳالهه چوڻ کان پاسو ڪندس.
