نڪور خبرون
Home / پاڪستان / احتساب عدالت شهباز شريف ۽ سندس خاندان جي 9 ڀاتين جا اثاثا منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

احتساب عدالت شهباز شريف ۽ سندس خاندان جي 9 ڀاتين جا اثاثا منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) احتساب عدالت ن ليگ صدر شهباز شريف ۽ سندس خاندان جي 9 ڀاتين جا اثاثا منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.احتساب عدالت جي جج چوڌري امير محمد خان آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ نيب جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي شهباز شريف ۽ سندس خاندان جي 9 ماڻهن جا اثاثا منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.نيب جي اسپيشل پراسيڪيوٽر حافظ اسد الله اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته شهباز شريف اينڊ فيملي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ مني لانڊرنگ جي جاچ جاري آهي، شريف خاندان مني لانڊرنگ ذريعي اربين رپين جي ملڪيت ٺاهي، تنهن ڪري شهباز شريف، حمزا، نصرت شهباز ۽ تهمينا دراني سميت 9 ڄڻن جا سمورا اثاثا منجمد ڪيا وڃن.نيب موجب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف، سندس گهروارين ۽ پٽن جي نالي تي مختلف 23 ملڪيتون آهن.واضح رهي ته نيب لاهور طرفان اثاثا منجمد ڪرڻ لاءِ 15 درخواستون داخل ڪيون ويون هيون.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے