بريڪنگ نيوز

ماڻهن کي پئسا بينڪ ۾ رکڻ جي بجاءِ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لڳائڻ گهرجن: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا آهن ته ماڻهن کي پئسا بينڪ ۾ رکڻ جي بجاءِ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لڳائڻ گهرجن.جسٽس امين الدين جي خربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني آيني بينچ سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ڪمپني جو وڪيل مرزا محمود احمد دليل ڏنا، اهو سڀاڻي به پنهنجا دليل جاري رکندو.ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين خان چيو ته ڀارت ۾ ماڻهو سالن کان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سرمائيڪاري ڪري رهيا آهن، پاڪستان جي ماڻهن کي به بينڪن ۾ رکڻ جي بجاءِ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ گهرجي.وڪيل مرزا محمود احمد موقف اختيار ڪيو ته اسان جنرل ٽيڪس ڏئي رهيا آهيون، جيڪڏهن بينڪن مان اوڌر کڻي انويسٽمينٽ ڪندا آهيون ته ٽيڪس ڏيڻ کان پوءِ نقصان ٿيندو آهي. اسان کان ايف بي آر سڌو سنئون ٽيڪس نه پيو وٺي پر نيشنل ڪليئرنگ ڪمپني جي ذريعي اسان ٽيڪس ڏئي رهيا آهيون. اسان سپر ٽيڪس ۾ فال نه ڪندا آهيون، اسان کي ڌار بلاڪ ۾ رکڻ گهرجي.ٻڌڻي دوران هن يونيفارم ٽيڪس جي حوالي سان ڀارتي عدالتن جي فيصلن جو حوالو به ڏنو جنهن کان پو3 عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ، پُرامن ۽ ترقي يافته ملڪ ڇڏي وڃڻو آهي: اعظم نذير

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے