بريڪنگ نيوز

قيدين کي سهولتون فراهم ڪرڻ ترجيح آهي: فدا حسين مستوئي

ملير (ڊ ر) آءِ جي جيل سنڌ فدا حسين مستوئي ضلعي جيل اصلاحي ۽ مرڪز ملير ڪراچي ۽ ملير جيل ايڪسٽينشن جو دورو ڪيو۔ دوري دوران آءِ جي جيل ملير جيل ايڪسٽينشن ۾ جاري تعميراتي ڪم جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ ملير جيل جي مختلف شعبن سميت ڪچن ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو معائنو ڪندي قيدين سان ملاقات ڪئي، کاڌي جي معيار کي چيڪ ڪندي مجموعي انتظامي معاملن تي اطمينان جو اظهار ڪيو۔ آءِ جي جيل خانہ جات جيل جي صفائي سٿرائي ۽ نظم و ضبط ڏسي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ انتظاميه جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي۔ آءِ جي فدا حسين مستوئي سينئر سپرنٽنڊنٽ جيل شهاب الدين صديقي ۽ ان جي ٽيم جي ڪم جي به تعريف ڪئي۔ ان موقعي تي آءِ جي جيل خانہ جات فدا حسين مستوئي ضلعي جيل ملير جي عملي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي پهرين ترجيحن ۾ سيڪيورٽي انتظامن سان گڏ قيدين سان ملاقات لاءِ ايندڙ وارثن جي سهولتن ۽ کاڌي جي معيار کي بهتر بڻائڻ شامل آهي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جيل خانہ جات کي بهترين اصلاحي مرڪز بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن جي ذريعي جيلن ۾ بند قيدين جي تعليم، تربيت ۽ کين بهتر انسان بڻائڻ اسان جي اهم ترجيحن مان آهي

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جا ماڻهو 5 هزار سال پراڻي سنڌو تهذيب جا وارث آهن، ابتدائي تاريخ سان جڙيل آهي: وڏي وزير

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعليٰ هائوس ۾ جمعي ڏينهن سفارتي سطح تي اهم ملاقاتون ٿيون جتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے