اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان جو پهريون هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ HS-1 ڪاميابي سان چين سان گڏ خلا ۾ روانو ٿي پنهنجي مدار ۾ داخل ٿي ويو آهي. تفصيل موجب سپارڪو طرفان HS-1 جي ڪامياب لانچ جو اعلان ڪيو جنهن کان پوءِ آخرڪار سيٽلائيٽ پنهنجي مدار ۾ پهچي ويو آهي. هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ زمين، سبزي، پاڻي شهري علائقن جو تفصيلي تزيو ڪندو. جديد سيٽلائٽ سوين بينڊز ۾ صحيحون تصويرون حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. جڏهن ته هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ تان زرعي منصوبه بندي ۽ ماحولياتي نگراني ۾ انقلاب جي اميد آهي. چيئرمين سپارڪو محمد يوسف خان طرفان قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان جي حڪومت جي حمايت سان قومي منصوبو حقيقت بڻجي سگهيو آهي. هن چيو ته هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ سان فصلن، مٽي، ۽ پاڻي جي معيار جي صحيح نگراني ممڪن، ٻيلي جي ڪٽائي، آلودگي ۽ گليشيئر پگهرجڻ جي مانيٽرنگ ۾ مدد حاصل ٿيندي. جڏهن ته سي پيڪ منصوبن ۾ جغفرافيائي خطرن جي نشاندهي ۾ HS-1 مددگار ثابت ٿيندو. انهي سان پاڪستان ۽ چين جي خلائي تعاون جو به نئون باب لکجي ويو آهي. هن چيو ته اهو پاڪستان جو خلائي ٽيڪنالاجي ۾ پاڻ ڀاڙڻ طرف مضبوط قدم آهي. سپارڪو ملڪ جي سماجي، اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار وڌيڪ مستحڪم ڪري رهيو آهي ۽ هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ پاڪستان جي خلائي پروگرام ۾ وڏي اڳڀرائي آهي. هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ HS-1 ملڪ کي پائيدار ترقي جي لاءِ اڀرندڙ خلائي اڳواڻن ۾ شامل ڪندو. هن ٻڌايو ته سيٽلائيٽ پنهنجي مخصوص مدار ۾ داخل ٿي چڪو آهي. پاڪستان طرفان هن سال اهو خلا ۾ اماڻيل ٽيون سيٽلائيٽ آهي. سيٽلائيٽ کي پنهنجي مدار ۾ ٽيسٽنگ جي لاءِ 2 مهينا لڳي سگهن ٿا جنهن کان پوءِ سيٽلائيٽ مڪمل طور تي فعال ٿي ويندو.
