بريڪنگ نيوز

سنڌ ۾ 70 کان وڌيڪ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جون جايون خالي آهن: چيف جسٽس

خيرپور (رپورٽر) چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس ظفر احمد راجپوت ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور جي نئين چونڊيل عهديدارن صدر اعجاز احمد چانڊيو، جنرل سيڪريٽري الطاف حسين مري ۽ ٻين کي حلف کڻايو، حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آئون شڪرگذار آهيان تي مون کي ڊسٽرڪٽ بار ۾ گُھرائي مان ڏنو ويو سنڌي اجرڪ رُڳو ثقافت نه پر اجرڪ امن جو رنگ ۽ مُحبت سان گڏ خوشحالي جو پيغام آھي، خيرپور ضلعو سنڌ صوبي کي سياسي قيادت سان گڏ صوفي بزرگ به ڏنا، جنهن ۾ سچل سرمست، سورھيه بادشاھ سميت ٻيا بزرگ ۽ تاريخي شخصيتون ڏنيون، چيف جسٽس پاڪستان جي ھدايتن مطابق اسان پوري سنڌ جي ڪورٽن ۽ بار ايسوسيئيشن ۾ سھولتون ڏئي رھيا آھيون، پھرين فيز ۾ خيرپور بار ۾ اي لائبريري سولر پينل ايئر ڪنڊيشن ۽ واٽر ڊسپينسر ڏنا ويندا، ان کان علاوه خيرپور سيشن ڪورٽ سميت ضلعي جي سمورن تعلقن جي تعلقہ بار ايسوسيئيشن ۽ سول ڪورٽن ۾ اي لائبريري، سولر سسٽم، واٽر ڪولر ايئرڪنڊيشن ۽ ٻيون گھربل سھولتون به ڏنيون وينديون، سنڌ ۾ 70 کان وڌيڪ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جون جايون خالي آهن، ججن جي کوٽ آھي، جلد نوان سول جج ڀرتي ڪيا ويندا، جنھن بعد ڊي پي سي گُھرائي سينارٽي جي بنيادن تي پروموشن ڏنا ويندا، خيرپور ضلعي ۾ جونيئر وڪيلن جي 25-25 ڄڻن جا گروپ ٺاھي ڏنا وڃن ته جيئن کين ڪراچي ۾ مفت ٽريننگ ڏني ويندي، جيئن ھو مستقل جا سٺا وڪيل ٿي سگھن، نوجوانن کي ڪامياب وڪيل ٿيڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي، عُھدا وقتي طور ملندا آھن، اھي ھميشه ناھن رھندا، اڄ جا نوجوان وڪيل مستقبل جا جج، جسٽس ۽ چيف جسٽس ھوندا، ھر شعبي ۾ سختيون اينديون آهن، سختيون برداشت ڪري ھي ڪاميابيون ماڻي سگهجن ٿيون، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر اعجاز علي چانڊيو چيف جسٽس آڏو ڪارونجھر جو آواز اٿاريو ۽ چيف جسٽس کي عرض رکيو ته ڪارونجھر جبل بچائڻ ۽ ڪارونجھر جو تحفظ ڪرڻ لاءِ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حيثيت سان ساٿ ڏيو، چيف جسٽس پاران کيس يقين ڏياريو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

خارجي فتنه الهندوستان آهن،خارجين جو پاڪستان ۽ بلوچستان سان ڪوبه تعلق نه آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري اهم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے