بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ)گهرو معاملن واري وفاقي وزير وزير محسن نقوي بيجنگ پبلڪ سيڪيورٽي جي پاسپورٽ بيورو ۽ ايگزٽ انٽري ايڊمنسٽريشن بيورو جو دورو ڪيو، بيورو جي آمد تي ڊائريڪٽر جنرل سن يو گھرو وزير جي شاندار آجيان ڪئي. وفاقي گھرو سيڪريٽري خرم آغا، نيشنل پوليس اڪيڊمي جو ڊي جي، آءِ جي ۽ اسلام آباد جو چيف ڪمشنر به گڏ ھئا.گھرو وزير بيورو جي مختلف حصن جو مشاھدو ڪيو ۽ چين جي پاسپورٽ ٺاهڻ ۽ اميگريشن جي جديد ترين نظام جو تفصيلي جائزو ورتو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته چين ۾ ”ون ونڊو“ سھولت تحت پاسپورٽ ۽ اميگريشن جو عمل انتھائي تيز رفتار آھي. آن لائن درخواست کانپوءِ شھرين کي رڳو 24 ڪلاڪن ۾ پاسپورٽ فراھم ڪيو ويندو آھي، عوام جي سھولت لاءِ بيورو 7 ئي ڏينھن ۽ 24 ڪلاڪ فعال رھي ٿو ۽ ڊجيٽل ٽريڪنگ ۽ ريئل ٽائم اپڊيٽس ذريعي درخواستگذارن کي ھر مرحلي ۾ وقت تي آگاھي ملي ٿي جڏھن ته ملٽي لينگويج سسٽم پرڏيھين لاءِ دستاويزن جي پيچيده عمل کي آسان ۽ شفاف بڻايو آھي. گھرو وزير محسن نقوي چين جي انٽري ايگزٽ نظام جي فائدن ۽ تيز رفتاري کي ساراھيندي چيو ته پاڪستان ۾ به پاسپورٽ ۽ اميگريشن سسٽم کي جديد، تيز رفتار ۽ فول پروف بڻايو پيو وڃي.ھن چيو ته جعلسازي جي خاتمي لاءِ پاڪستاني پاسپورٽ ۾ نوان سيڪيورٽي فيچرز متعارف ڪرايا ويندا. پاڪستان جو انٽري ايگزٽ ڪنٽرول سسٽم به بيجنگ ماڊل جي طرز تي جديد گھرجن وارو آھي. دوري ۾ وفاقي گھرو سيڪريٽري خرم آغا، نيشنل پوليس اڪيڊمي جو ڊي جي محمد ادريس، نيشنل سائبر ڪرائمز انويسٽيگيشن ايجنسي جو ڊي جي سيد خرم علي، اسلام آباد پوليس جو آءِ جي علي ناصر رضوي ۽ اسلام آباد جو چيف ڪمشنر محمد علي رنڌاوا به موجود ھو. جن چين جي اختيارين سان فني سھڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
DailyWaka Sindhi News Papers