راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري اهم پريس ڪانفرنس ڪندي سال 2025 دوران دهشتگردي جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري سينئر صحافين کي بريفنگ ڏيندي واضح ڪيو ته فتنته الخوارج ۽ فتنته الهندستان جو پاڪستان ۽ خاص طور تي بلوچستان سان ڪوبه تعلق آهي. جڏهن ته افغانستان سموري خطي ۾ دهشتگردي جو پيس آف آپريشن بڻجي چڪو آهي جتان کان پاڪستان ۾ بدامني پکيڙڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن انهي ارادي جو اظهار ڪيو ته دهشتگردي جي خلاف ڪارروايون پوري طاقت سان جاري رهنديون ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگرد خوارج آهن انهن جو دين اسلام سان ڪوبه تعلق نه آهي. هن چيو ته رياست جو دهشتگردي خلاف موقف چٽو آهي انهي جنگ ۾ هاڻ ڪي به وسوسا نه رهيا آهن ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ٻڌايو ته گذريل سال دهشتگردي جي خلاف ڪامياب آپريشن ڪيا ويا. سموري ملڪ ۾ دهشتگردي جا 5 هزار 397 واقعا پيش آيا جڏهن ته دهشتگردن جي خلاف گڏيل طور تي 75 هزار 175 آپريشن ڪيا ويا. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب خيبرپختونخواهه ۾ 14 هزار 658 جڏهن ته بلوچستان ۾ 58 778 آپريشن ڪيا ويا. گذريل 27 آپگهاتي حملا ٿيا جن مان 16 خيبرپختونخواهه ۾ ٿيا. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 1235 ماڻهن شهادت ماڻي جڏهن ته 2597 دهشتگرد مارجي ويا ڊي جي آءِ ايس پي آر سوال اٿاريو ته خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جا واقعا ڇو وڌيڪ ٿي رهيا آهن هن چيو ته دوحه معاهدي جي تحت افغان زمين کي دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو جنهن تي عمل نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي سبب ملڪ ۾ سياحت جو شعبو به سخت متاثر ٿي رهيو آهي. هن چيو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ضروري آهي. هن چيو ته افغانستان دهشتگردي جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي. آمريڪا ۽ اتحادي فوج جي انخلا ۾ افغان طالبان جو ڪوبه ڪردار نه هو دهشتگردن کي ڀارت مان مالي مدد ۽ سرپرستي حاصل آهي هن اهو به چيو ته افغانستان ۾ هن وقت ڪوبه موثر ۽ نمائنده حڪومت موجود نه آهي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته افغان طالبان جو بيانيو حقيقتن تي ٻڌل نه آهي. افغانستان ۾ ڇڏيل هٿيار هاڻ دهشتگردي ۾ استعمال ٿي رهيو آهي. معرڪه حق ۽ افغانستان ۾ ڪارروائي کان پوءِ دهشتگردي ۾ اضافو ڏٺو ويو هن ٻڌايو ته ڪجهه ڪلاڪن ۾ افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بنايو ويو ڊي جي آءِ ايس پي آر انهي ارادي جو اظهار ڪيو ته رياست دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. عالمي برادري پاڪستان طرفان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن جي تعريف ڪري رهي آهي، دهشتگردي جي خلاف اها جنگ طاقت جي زور تي کٽي ويندي. ڊي جي آءِ ايس پي آر پريس ڪانفرنس دوران دهشتگردي جي واقعن ۽ انهي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج طرفان منهن ڏيڻ جا تفصيل اسڪرين تي به ڏيکاريا.
DailyWaka Sindhi News Papers