نڪور خبرون
Home / پاڪستان / وفاقي ڪابينا آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي

وفاقي ڪابينا آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا سُپريم ڪورٽ جي فيصلن جي روشني ۾ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي سربراهيءَ ۾ وفاقي ڪابينا جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا ميمبرز سان گڏ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾هڪ ئي ايجنڊا تي غور ٿيو ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب ترميم ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۽ واڌ بابت سُپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ طريقيڪار طئه ڪيو ويو آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي هڪ عملدار موجب آرمي ايڪٽ 1952ع ۾ ترميم سُپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ڪئي وئي آهي، جيڪا آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي جي حوالي سان آهياپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي سرڪار آرمي ايڪٽ ۾ ترميم وارو بِل پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي وزير پرويز خٽڪ جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل حڪومتي ڪميٽي اپوزيشن پارٽيز سان رابطا ڪندي. واضح رهي ته سُپريم ڪورٽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ 6 مهينن تائين واڌ جي منظوري ڏيندي اُنهي عرصي دوران پارليماينٽ ۾ قانونسازي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. سُپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ اهو به چيو هو ته 6 مهينن تائين قانونسازي نه ٿيڻ جي صورت ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڻمرادو رٽائر ٿي ويندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے