اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل ڪرڻ عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهي، اهو قدم پاڪستان جي سلامتي، معيشت، عوام جي زندگين ۽ ڏکڻ ايشيا جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين خطرو آهي، سنڌ طاس معاهدي کي غيرقانوني ۽ هڪطرفي طور تي معطل ڪرڻ ۽ پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ پاڪستان ۾ انساني بحران کي جنم ڏئي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن غيرملڪي سفيرن کي ڀارتي پاڻي جارحيت بابت بريفنگ ڏيندي ڪيو. نائب وزيراعظم سفارتي ڪور جي ميمبرن کي خطاب ۾ هلندڙ سال ٻن موقعن تي چناب درياءَ ۾ پاڻي جي غيرمعمولي ۽ اوچتو چاڙهه ۽ هڪطرفي اخراج تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪو 30 اپريل کان 21 مئي ۽ 7 کان 15 ڊسمبر دوران ڪيو ويو. هن چيو ته ڀارت پاران پاڻي ۾ چارهه سڌوسنئون اسان جي شهرين جي جانين، روزگار، خوراڪ ۽ معاشي سلامتي جي لاءِ خطرو آهي، ڀارت جو اهو غيرقانوني ۽ غيرذميواراڻو طرزعمل پاڪستان ۾ انساني بحران کي جنم ڏئي سگهي ٿو. محمد اسحاق ڊار سفارتي ڪور کي ان ڳالهه کان به آگاهه ڪيو ته ڀارت معاهدي تحت ضروري اڳواٽ اطلاع، هائيڊرو لوجيڪل ڊيٽا ۽ گڏيل نگراني جي فراهمي پڻ روڪي ڇڏي آهي جنهن جي ڪري پاڪستان ٻوڏ ۽ سوڪهڙي جي خطرن ۾ ورتل آهي. هن ڀارت پاران عالمي قانون خاص طور تي ويانا ڪنوينشن آن دي لاء آف ٽريٽيز جي آرٽيڪل 26 جي واضح خلاف ورزي ڪندي معاهدي جي هڪطرفي معطلي کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته ڀارت جون سنگين خلاف ورزيون سنڌ طاس معاهدي جي روح تي ضرب هڻي رهيون آهن جيڪي علائقائي استحڪام ۽ عالمي قانون جي حرمت جي لاءِ سنگين نتيجا رکندڙ آهن. هن چيو ته ڀارت معاهدي موجب ڪنهن اڳواٽ اطلاع يا ڊيٽا شيئرنگ کانسواءِ پاڻي ڇڏيو، ڀارت پاران پاڻي ۾ ڦيرڦار تي اسان جي انڊس واٽر ڪمشنر پنهنجي ڀارتي هم منصب کي خط لکي وضاحت طلب ڪئي آهي ۽ معاهدي تحت هڪطرفي قدمن کان پري رهڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته سنڌ طاس معاهدو ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جو اهم ذريعو آهي، ڀارت جو معاهدو بحال نه ڪرڻ ۽ پاڻي جو رخ موڙڻ جو اعلان ڳڻتي جوڳو آهي. هن واضح ڪيو ته ڀارتي قدم پاڪستان کي ٻوڏ ۽ سوڪهڙي جي خطرن ۾ وجهي رهيا آهن ۽ اهي ملڪ ۾ انساني بحران جو سبب بڻجي سگهن ٿا. هن چيو ته ڀارت ڪشنگ گنگا ۽ رٽلي ڊيم جهڙن منصوبن جي ذريعي پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. نائب وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو سنڌ طاس معاهدي جي مڪمل بحالي ۽ ان تي عملدرآمد جي لاءِ فوري ۽ موثر ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پاڪستان تڪرارن جي پرامن حل جو خواهشمند آهي پر هو پنهنجي پاڻي حقن تي ڪو ٺاهه نه ڪندو، ڀارت پاران پاڻي روڪڻ يا ان جو رخ موڙڻ جنگي قدم تصور ڪيو ويندو. هن چيو ته ڀارت هن سال اپريل ۾ سنڌ طاس معاهدو هڪطرفي طور تي معطل ڪيو جيڪو ويانا ڪنوينشن جي آرٽيڪل 26 جي خلاف ورزي آهي. چناب درياءَ جي وهڪري ۾ هلندڙ سال ٻه ڀيرا غيرمعمولي تبديليون رڪارڊ ڪيون ويون آهن، 30 اپريل کان 21 مئي ۽ 7 کان 15 ڊسمبر دوران جڏهن ڀارت بنا اڳواٽ اطلاع جي پاڻي ڇڏيو ۽ معاهدي تحت ضروري ڊيٽا فراهم نه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان انڊس واٽر ڪمشنر جي ذريعي باضابطا سفارتي ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي آهي. ڀارت جا تازا قدم پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ جا واضح مثال آهن، ان سان پاڪستان جي غذائي سلامتي کي پڻ خطرو آهي. هن چيو ته ڀارت کي گهرجي ته هو معاهدي جون ذميواريون پوريون ڪري ۽ ان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش بند ڪري. نائب وزيراعظم چيو ته ڀارتي قدمن سان پاڪستان جي سلامتي، معيشت ۽ عوام جي زندگين کي خطرو آهي. ڀارت هائيڊرو لوجيڪل ڊيٽا ۽ گڏيل نگراني جو عمل روڪي ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري پاڪستان ٻوڏ ۽ سوڪهڙي جي خطرن ۾ ورتل آهي. هن چيو ته هن سال جون ۽ آگسٽ ۾ ثالثي عدالت سنڌ طاس معاهدي جي حيثيت برقرار رکي جيڪو نافذ العمل ۽ ڌرين تي ان جي پاسداري لازمي آهي. گڏيل قومن جي خصوصي طريقيڪار به ڀارتي قدمن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان اهو معاملو ڪيترائي ڀيرا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اٿاريو آهي ۽ هو پنهنجي پاڻي حقن تي ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه نه ڪندو. عالمي برادري سنڌ طاس معاهدي جي مڪمل بحالي جي لاءِ فوري ڪردار ادا ڪري. محمد اسحاق ڊار چيو ته ڀارت پاران ثالثي عدالت ۽ نيوٽرل ايڪسپرٽ جي ڪاررواين ۾ شرڪت کان انڪار معاهدي جي تڪرارن جي حل جي طريقيڪار کي سبوتاز ڪرڻ جي برابر آهي ۽ اهڙين خلاف ورزين کي بنا روڪ ٽوڪ جي جاري رهڻ ڏيڻ هڪ خطرناڪ مثال قائم ڪندو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي قومي سلامتي ڪميٽي واضح ڪيو آهي ته معاهدي تحت پاڪستان کي ملندڙ پاڻي جي وهڪري کي روڪڻ يا موڙڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ”اعلانِ جنگ“ سمجهيو ويندو. هن عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته اها ڀارت پاران ٻطرفي معاهدي جي مسلسل خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت کي عالمي قانون ۽ قائم ٿيل اصولن موجب ذميواراڻو رويو اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏي. هن چيو ته ڀارتي قيادت پاران ايندڙ جارحاڻا بيان پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ جي ارادن جي عڪاسي ڪن ٿا جن سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر کي پڻ آگاهه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پرعزم آهي پر هو پنهنجي عوام جي وجودي پاڻي حقن تي ڪو ٺاهه نه ڪندو.
DailyWaka Sindhi News Papers