بريڪنگ نيوز

جامع ڪريڪ ڊائون شروع، ڀتاخوري خلاف ڪامياب ڪارروايون ڪنداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن چيو آهي ته صوبائي حڪومت ڀتي خوري ۽ منظم ڏوهن خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر جامع ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ کيس پورو يقين آهي ته ماضي جيان هن ناسور جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو. سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير ٻڌايو ته هڪ ڏينهن اڳ هن شهر ۾ امن امان جي صورتحال، خاص طور تي ڀتي خوري جي واقعن بابت تفصيلي اجلاس جي صدارت ڪئي. هن چيو ته ڪاروباري برادري جي نمائندن جن ۾ ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊيولپرز (ABAD) جا ميمبر به شامل هئا، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي هاڻوڪن قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ڪاروباري برادري پاران اها ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي ته جڏهن هڪ ڏوهاري ختم ٿئي ٿو ته ٻيو سامهون اچي وڃي ٿو پر هن چيلينج کي مسلسل ۽ انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروائين ذريعي منهن ڏنو پيو وڃي. سيد مراد علي شاهه زور ڏنو ته ڪارروائي رڳو ملڪ اندر سرگرم ڏوهارين تائين محدود نه هجڻ گهرجي پر ٻاهرين ملڪن ۾ ويٺل سهولتڪارن ۽ هينڊلرن خلاف به سخت قدم کنيا وڃن. هن ٻڌايو ته ان حوالي سان سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي باضابطه خط لکيو آهي. هن وڌيڪ چيو وفاقي حڪومت جواب ۾ ٻڌايو آهي ته ٻاهرين ملڪن مان ڀتي خوري ۽ دهشتگردي جي سهولت فراهم ڪندڙ ڪيترن ماڻهن خلاف ريڊ وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. وڏي وزير ياد ڏياريو ته ماضي ۾ پوليس، رينجرز ۽ انٽيليجنس ادارن جي گڏيل ڪوششن سان ڀتي خوري تي ڪاميابي سان ضابطو آندو ويو هو ۽ هن ڀيري به ساڳيا نتيجا حاصل ڪيا ويندا. مراد علي شاهه چيو ته سخت نگراني، صوبائي ۽ وفاقي ادارن وچ ۾ بهتر رابطي ۽ ڏوهن جي مالي مدد ڪندڙن ۽ سهولتڪارن خلاف قانوني ڪارروائي حڪمت عملي جا اهم جزا رهندا. وڏي وزير واپارين، صنعتڪارن ۽ شهرين کي يقين ڏياريو ته امن امان جي بحالي ۽ محفوظ ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ رياست جي رٽ کي چيلينج ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ پاسپورٽ ۽ اميگريشن سسٽم کي پڻ تيز ۽ فول پروف بڻايو ويو آهي: محسن نقوي

بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ)گهرو معاملن واري وفاقي وزير وزير محسن نقوي بيجنگ پبلڪ سيڪيورٽي جي پاسپورٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے