بريڪنگ نيوز

ڪي پي حڪومت جي ترجمان جا چونڊ عمل تي بي بنياد الزام رد ڪريون ٿا: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته  دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي ڪي پي حڪومت جي ترجمان جا چونڊ عمل تي بي بنياد الزام رد ڪريون ٿا اين اي18 هري پوري جي ننڍي چونڊ ۾ فارم 47رٽرننگ آفيسر تيار ڪيو هو فارم 47رٽرننگ آفيسر جي صحيح سان ويب سائيٽ تي موجود آهي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي اثاثن ۽ رهتن جا گوشوارا  مالي سال 25-2024ع جي جمع ڪرائڻ جي حتمي تاريخ 31 ڊسمبر 2025ع آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري پريس رليز موجب اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي شق 137 تحت سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي سمورن ميمبرن ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن لاءِ لازمي آهي ته هو پاڻ سميت پنهنجي شريڪ حيات ۽ ڪفالت هيٺ ٻارن جي اثاثن ۽ رهتن جا گوشوارا مالي سال 25-2024ع تجويز ڪيل فارم – بي جي صورت ۾ مقرر تاريخ کان اڳ يا 31 ڊسمبر 2025ع تائين اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائين. هر اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبر گذريل 30 جون تائين جا پاڻ سميت شريڪ حيات ۽ ڪفالت هيٺ ٻارن جي اثاثن ۽ رهتن جا گوشورا تجويز ڪيل فارم – بي هر سال 31 ڊسمبر کان پهرين يا 31 ڊسمبر تائين اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائيندو. سيڪشن 137 جي ذيلي شق تحت ڪميشن هڪ پريس رليز ذريعي هر سال پهرين جنوري کي مقرر تاريخ تائين گهربل گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جي نالي شايع ڪندو. 16 جنوري تي هڪ حڪم تحت ڪميشن 15 جنوري تائين ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏيندو ۽ ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تائين هو پارليامينٽ ۽ اسيمبلي جي ڪنهن به ڪارروائي ۾ حصو نه وٺي سگهندا. جيڪڏهن ڪو ميمبر پنهنجي پيش ڪيل گوشوارن ۾ ڪنهن قسم جي غلط معلومات فراهم ڪندي ڏٺو ويو ته ڪميشن سيڪشن 137 تحت گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ کان 120 ڏينهن اندر ان بدعنواني جي ڏوهه ۾ ڪارروائي ڪندو. ان حوالي سان تيار ڪيل هدايتون رهنمائي سان گڏ مقرر فارم – بي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ اسلام آباد، لاڳاپيل صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي آفيسن، سينيٽ سيڪريٽريٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيڪريٽريٽ مان مفت حاصل ڪري سگهجي ٿو. فارم – بي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ويب سائيٽ تان به ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي دهشتگردي سان خطي مان ڪا وڏي جنگ لڳي سگهي ٿي : شيري رحمان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  پ پ پ جي اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے