راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته ڳالهين جو معاملو جيڪڏهن 5 وڏن جي ملاقات تائين پهچي چڪو آهي ته پوءِ ان کي نه ئي سمجهيو وڃي، ڇو ته نه 5 وڏا ملاقات ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي ان جي ڪا ضرورت آهي. اڊيالا جيل ڀرسان صحافين سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته جڏهن ملاقاتون ئي نه پيون ڪرڻ ڏنيون وڃن ته ڳالهيون ڪيئن ٿيون ٿي سگهن؟ اسان هر اڱاري تي ايندا آهيون ۽ ملاقات جي بنا هليا ويندا آهيون، هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي عمران خان سان ڪنهن جي ملاقات ناهي ٿي. هن چيو ته ملاقاتن کي تڪراري بڻائي ڳالهه اڳتي نٿي وڌي سگهي ۽ حالتون معمول تي آڻڻ لاءِ ڳري قيمت وصول ڪئي پئي وڃي، اسان حالتن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻئي پاسي کان حالتن کي ايترو ئي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. بيرسٽر گوهر اعلان ڪيو ته 8 فيبروري تي سڄي ملڪ ۾ شٽر ڊائون ۽ ڦيٿا جام هڙتال ٿيندي ۽ ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو.
DailyWaka Sindhi News Papers