بريڪنگ نيوز

فخر زمان جو تڪراري آئوٽ، پاڪستان آءِ سي سي ٽي وي امپائر جي شڪايت ڪري ڇڏي

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيم ڀارت خلاف ميچ ۾ فخر زمان جي تڪراري آئوٽ تي ٽي وي امپائر بابت آءِ سي سي کي شڪايت ڪئي آهي. ايشيا ڪپ ۾ ڪالهه ٿيل پاڪستان-ڀارت ميچ ۾ فخر زمان کي ٽي وي امپائر پاران تڪراري آئوٽ ڪيو ويو، جنهن تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مئنيجر نويد اڪرم چيما ميچ کان پوءِ ميچ ريفري اينڊي پيڪرافٽ کي پنهنجي تحفظات کان آگاهه ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ميچ کان پوءِ پاڪستاني ٽيم انتظاميا ڪپتان جي ميچ رپورٽ ۾ تڪراري فيصلي کي اجاگر ڪيو آهي، جڏهن ته ٽيم انتظاميا آءِ سي سي امپائرن ۽ مئنيجر کي به پنهنجا تحفظات ظاهر ڪيا آهن. ذريعن موجب، سڀ کان اهم ميچ ۾ ٽي وي امپائر جا فرض سريلنڪن روچيرا پالياگروگ انجام ڏنا، جنهن فخر زمان کي متنازع طور تي ڪٽ بائينڊ قرار ڏنو ۽ هن فيصلي ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم جي پوزيشن کي متاثر ڪيو. ان حوالي سان، پاڪستان جي ڪپتان سلمان علي آغا هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته فخر زمان جو آئوٽ شايد غلط هو، پر امپائر فيصلو ڪندا آهن. اسان کي محسوس ٿيو ته بال زمين تي لڳي، پر فيصلو امپائر تي منحصر آهي. ياد رهي ته فخر کي 15 رنسن تي آئوٽ قرار ڏنو ويو هو. ان وقت پاڪستان جو اسڪور 21 رنسون هو. جڏهن هو ڊريسنگ روم ۾ واپس آيو ته فخر زمان ۽ هيڊ ڪوچ فيصلي تي ناراضگي جو اظهار ڪيو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسپورٽس جرنلسٽس عالمي مقابلن تائين راندين کي نمايان ڪيو: عطا تارڙ

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے