ڍاڪا (شوبز نيوز) مشهور اداڪارا هانيا عامر هن وقت بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا ۾ آهي، جتي هوءَ تقريبون ۾ شرڪت ڪندي پنهنجن مداحن سان به ملي رهي آهي، ۽ انهن ملاقاتن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيون آهن. هانيا عامر سن سلڪ جي برانڊ ايمبيسيڊر طور ڍاڪا ۾ مختلف تقريبون ۾ شرڪت ڪري رهي آهي. بنگلاديش جي مقامي هنڌن تي سندس فوٽو شوٽ ۽ مداحن سان ملاقاتن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، جن کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي. انٽرنيٽ تي وائرل ٿيل هڪ وڊيو ۾، هانيا عامر کان هڪ تقريب دوران پڇيو ويو ته کيس بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان ۽ بنگلاديشي هيرو شڪيب خان مان ڪير پسند آهي؟ ان تي، هن هڪ شرارتي مسڪراهٽ سان مداحن ڏانهن ڏٺو ۽ جواب ڏنو ته هتي موجود گهڻا ماڻهو شڪيب خان کي وڌيڪ پسند ڪن ٿا، تنهن ڪري سندس جواب به شڪيب خان آهي. تقريب ۾ موجود شرڪت ڪندڙن سندس جواب تي جوش سان تاڙيون وڄايون. ساڳئي طرح، سندس هڪ ٻي وڊيو پڻ وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هوءَ بنگالي ۾ چئي رهي آهي، ‘رڪن تومي چٽ شندور’، جنهن جو مطلب آهي ‘رڪن، تون خوبصورت آهين’
