بريڪنگ نيوز

اداڪاره حميره اصغر جي لاش جو پوسٽ مارٽم مڪمل، لاش مرده خاني منتقل

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊفينس فيز 6 ۾ فليٽ مان مئل حالت ۾ هٿ آيل اداڪاره حميره اصغر جي لاش جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي پوليس موجب حميرا جو تعلق لاهور سان هو، اداڪاره جي لاش مرده خاني منتقل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مرحومه جي وارثن سان به رابطو ٿي ويو آهي پوليس ٻڌايو ته عورت 2018 ۾ فليٽ ڪرائي تي ورتو هو. 2024  کان ڪرايو نه ڏيڻ تي مالڪ ڪيس داخل ڪري رکيو هو، پوليس عدالتي حڪم تي فليٽ خالي ڪرائڻ لاءِ پهتي ته دروازو لاڪ هو، پوليس دروازو ڀڃي اندر داخل ٿي ته عورت جي لاش ملي واقعي کان پوءِ عدالتي بيلف فليٽ کي سيل ڪري ڇڏيو جڏهن ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب مرحومه جي موبائل فون جو ڊيٽا به حاصل ڪيو ويو آهي. موت جو اصل سبب ڪيميڪل ايگزامينيشن رپورٽ اچڻ کان پوءِ سامهون ايندو پاڙيسري جو چوڻ آهي ته حميرا اصغر جو بلڊنگ جي ٻين ماڻهن سان وڌيڪ ملڻ نه هوندو هو. ياد رهي ته حميرا اصغر پاڪستاني ريئيلٽي شو(تماشا گهر) جي پهرين سيزن ۾ شرڪت ڪئي هئي

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

شوبز شخصيتن هانيا عامر جي ڀارتي فلم ۾ ڪم کي تاريخي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (شوبز نيوز) هانيا عامر جي ڀارتي فلم ‘سردار جي 3’ جو ٽريلر جاري ٿيڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے