بريڪنگ نيوز

زالون نفسيات سان کيڏي مڙسن کي پنهنجي ضابطي ۾ رکنديون آهن: ندا ياسر

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان ندا ياسر چيو آهي ته جن مردن کي”رن مريد“ جا مِهڻا ڏنا وڃن ٿا، حقيقت اهڙن مڙسن جون زالون سندن نفسيات سان کيڏي کين پنهنجي ظابطي ۾ رکنديون آهن. ندا ياسر جي تازو نشر ٿيل مارننگ شو ۾” مڙس ۽ زال وچ ۾ سٺا لاڳاپا ڪيئن برقرار رکجن؟ “ واري موضوع بابت ويچاريو ويو، جتي ميزبان پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. پروگرام ۾ شامل نفسياتي ماهر عورت چيو ته عام طور تي مردن کي گهريلو ڪم ڪار جي عادت نه هوندي آهي، پر جيڪڏهن اهي اهڙا ڪم ڪرڻ شروع ڪن ته زالون کين مهڻا ڏينديون آهن. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن مرد کان ڪم دوران ڪا غلطي ٿي وڃي ته زالون کين طعنا ڏين ٿيون، جڏهن ته هو اِهو ناهن سوچينديون ته منجهن گهرو ڪم ڪار جي مهارت آهي جيڪا مردن ۾ نه هوندي آهي. ان ڳالهه تي ندا ياسر چيو ته اِها حقيقت آهي ته ڪيئي زالون صحيح طريقي سان ڪم نه ٿيڻ تي پنهنجي مڙسن کي مهڻا ڏينديون آهن، جڏهن ته عورتن وٽ اها سگهه هوندي آهي ته هو هڙئي ڪم پاڻ ڪري سگهن ٿيون. ٽي وي ميزبان چيو ته عورتون پنهنجي مڙسن کي سمجهائي سگهن ٿيون، پر هو کين سمجهائڻ بدران پنهنجي ظابطي ۾ رکڻ چاهين ٿيون. ندا ياسر موجب، جيڪي مڙس پنهنجي زالن جي هر ڳالهه مڃيندا آهن يا سندن هدايتن تي عمل ڪن ٿا، انهن بابت غلط سوچيو ويندو آهي هو ” رن مريد“ آهن. ميزبان چيو ته زالون پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ لاءِ مڙسن جي نفسيات سان کيڏن ٿيون.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

شوبز شخصيتن هانيا عامر جي ڀارتي فلم ۾ ڪم کي تاريخي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (شوبز نيوز) هانيا عامر جي ڀارتي فلم ‘سردار جي 3’ جو ٽريلر جاري ٿيڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے