بريڪنگ نيوز

عدالت جو فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان، بائيڪاٽ يا تحريڪ هلائڻ بابت فيصلو جلد ڪنداسين.: بيرسٽر گوهر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ خلاف سمورا فيصلا سياسي بنيادن تي ڪيا ويا آهن، جن کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو، پر هن وقت عدليا تي به سوال اٿڻ لڳا آهن. اسد قيصر، جنيد اڪبر خان، علامه راجا ناصر عباس ۽ ٻين سان هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته اڄ جمهوريت جي لاءِ افسوسناڪ ڏينهن آهي، اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، اسان جي اڳواڻن کي جيل ۾ رکيو ويو ۽ انصاف جا دروازا به بند ڪيا ويا.بيرسٽر گوهر چيو ته اسان هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ته جمهوريت هلي، ايوان هلي، پر ظلم، ناانصافي ۽ غير مساوي سلوڪ جي انتها ختم ٿيڻ جو نالو نه پئي وٺي، اسان جي 6 ايم اين ايز، 3 ايم پي ايز، هڪ سينيٽر، قومي اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻ ۽ سينيٽ کي سزائون ٻڌايون ويون، ايستائين جو سني اتحاد ڪونسل جي سربراهه حامد رضا ۽ زرتاج گل کي به نشانو بنايو ويو.بيرسٽر گوهر چيو ته اسان جي قيادت هميشه سسٽم کي بچائڻ جي ڳالهه ڪئي، ڌرڻو نه هنيو، ايوان ۾ رهياسين، پر انهي جي باوجود پي ٽي آءِ کي مسلسل ڀت سان لڳايو پيو وڃي. اسان چيف جسٽس کان صرف انصاف گهرو ڪجهه ٻيو نه، پر اڄ به 2023 کان داخل پٽيشنز تي فيصلا نه ٿي رهيا آهن، جڏهن ته عدالتن ۾ رات 2 وڳي تائين ٽرائلز هلايا پيا وڃن.پي ٽي آءِ چيئرمين اليڪشن ڪميشن کي به سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته هي اهائي اليڪشن ڪميشن آهي جنهن جو مدو پورو ٿي چڪو آهي، پر اسان جي چونڊيل نمائندن کي مسلسل نااهل ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي سسٽم مان ڪڍيو پيو وڃي ته سوال اهو آهي ته انهي جي پٺيان ڪهڙا ماڻهو آهن؟هن چيو ته پي ٽي آءِ سسٽم ۽ جمهوريت تي يقين رکي ٿي، انتشار يا  جهيڙي جي سياست تي نه، پر حالتون ايستائين اچي ويون آهن جو اسان جي پنهنجي اڳواڻ عمران خان جي سامهون اها ڳالهه رکڻي پوندي ته اسان کي ايوان جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي يا ڪا تحريڪ هلائڻ گهرجي انهي جو حتمي فيصلو پارٽي قيادت تمام جلد ڪندي.بيرسٽر گوهر چيو ته جڏهن ٻه ڌريون پاڻ ۾  وڙهنديون آهن ته سڀني جون نظرون عدليه طرف هونديون آهن. اسان عدليه کان انصاف چاهيون ٿا، هوش کان ڪم وٺو.  اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته ” فيصل آباد جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت جي اڄوڪي فيصلي ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻن کي سزا ٻڌائي وئي آهي، جيڪي فيصلا اچي رهيا آهن، اهڙن فيصلن سان جمهوريت تباهه ٿي ويندي.“ هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اهي فيصلا عمران خان آڏو رکندي، جنهن کانپوءِ ايوان ۾ ويهڻ، بائيڪاٽ ڪرڻو يا وري ڪا تحريڪ شروع ڪرڻ بابت فيصلو ٿيندو.بئريسٽر گوهر چيو ته جن ماڻهن کي سزا ڏني وئي آهي، اهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سياست ۾ تشدد تي يقين نٿا رکن. هن الزام هنيو ته ”عمران خان مفاهمت لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون، پر اسان مٿان گولي هلائي وئي، اسان چاهيون ٿا ته نظام هلي، اسان جو ليڊر ٻاهر هجي، پر ڪا قوت آهي جيڪا نظام کي لپيٽڻ چاهي ٿي.“ بئريسٽر گوهر دعويٰ ڪئي ته عمران خان تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ سندس گهرواري کي سزا ڏني وئي، ان باوجود اسان رياست سان گڏ هلڻ جو فيصلو ڪيو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے